Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
رومال هو. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پيالو وٺي پاڻي پيتو ۽ وضو ڪيو، پوءِ پنهنجو مٿو مبارڪ کڻي حضرت زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها ڏانهن نهاريو ۽ فرمايائون: ڌيءَ! ڪڏهن به ڊپ نه ڪجان ته هي ماڻهو تنهنجي والد تي غالب ايندا.[1]
کوئی گالی سناتا تھا، کوئی پتھر اُٹھاتا تھا کوئی توحید پر ہنستا تھا، کوئی منہ چِڑاتا تھا
مگر وہ منبعِ حِلْم و صفا خاموش رہتا تھا دُعائے خیر کرتا تھا، جفا وظلم سہتا تھا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ جي راهه ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ سنت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو! اسان جي پياري نبي، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسلام جي خاطر ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيون! اهي تمام سختيون ان وقت شروع ٿيون جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سرعام نيڪي جي دعوت ڏيڻ لڳا. تنهنڪري جڏهن به ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ سبب ڪا تڪليف کڻڻي پئي ته پياري آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اسلام جي تبلغ ۾ پيش ايندڙ تڪليفن کي ياد ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪريو جو اُن دين جي خاطر سختيون سَهڻ واري سنت ادا ڪرڻ جي سعادت بخشي. اهڙيءَ طرح، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شيطان ناڪام ۽ نامراد ٿيندو ۽ صبر ڪرڻ آسان ٿي ويندو.
بيشڪ راھِ خُدا ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ به سنت آهي، ان تي صبر ڪرڻ به سنت ۽ سخت ترين مشڪلات جي باوجود نيڪي جي دعوت جو سلسلو جاري