Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
پاڪ جون ڪهڙيون ڪهڙيون نافرمانيون ٿي رهيون هونديون آهن. الله پاڪ چاهي ته زمين ڦاٽي سگهي ٿي، هي نافرمان زمين ۾ ڌٻجي سگهن ٿا. آسمان کان پٿر وسي سگهن ٿا، بجلي ڪِري سگهي ٿي، نافرمان جو چهرو بگڙي سگهي ٿو، هٿ پير ٽٽي سگهن ٿا پر الله پاڪ حلم وارو آهي، اهو مهلت عطا فرمائيندو آهي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
وَ رَبُّکَ الْغَفُوْرُ ذُو الرَّحْمَۃِ ؕ لَوْ یُؤَاخِذُھُمْ بِمَا کَسَبُوْا لَعَجَّلَ لَہُمُ الْعَذَابَ ؕ(پارہ:15، سورۂ کہف:58)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اوهان جو ربّ وڏو بخشڻ وارو رحمت وارو آهي جيڪڏهن اهو ماڻهن کي سندن ڪرتون تي پڪڙي ها ته جلد انهن تي عذاب موڪلي ها.
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ الله پاڪ جي رحمت ۽ مهلت جو بيان آهي ته هُو وڏو بخشڻ وارو آهي جو ڪروڙين گناھ ڪرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو مغفرت جو دروازو کڙڪائيندو آهي ته هُو بخشي ڇڏيندو آهي ۽ سڄي زندگي گناهن ۾ گذارڻ جي باوجود به جيڪڏهن ڪو زندگي جي آخري لمحن ۾ توبه ڪري وٺندو آهي ته الله پاڪ اُن کي معاف فرمائي ڇڏيندو آهي. هي مغفرت جي شان به آهي ۽ رحمت جي شان به، ۽ شانِ رحمت ۾ هي به داخل آهي ته اُن مهلت ڏني آهي ۽ عذاب ڏيڻ ۾ جلدي ناهي فرمائيندو بلڪ ڪفر ۽ گناھ جي باوجود ماڻهن کي دنيا جو رزق ڏيندو رهندو آهي.[1]
اهڙي طرح حِلم جيڪو آهي، اهو سُنّتِ انبياء به آهي. جيترا انبياءِ ڪرام دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، سڀئي بُردبار هئا، برداشت وارا هئا * ماڻهو گاريون ڏيندا هئا، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام برداشت ڪندا هئا * ماڻهو تڪليفون پڄائيندا هئا، انبياءِ