Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

اي عاشقان رسول! سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو ته ! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، نيت ڪيو! *رضاءِ الٰهي جي لاء بيان ٻڌندس * باادب ٿي ويهندس * نهايت توجھ سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

ڌي...!! ڊڄڻ جي ضرورت ناهي...!!

صحابي رسول حضرت منيب اَزدي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسلام قبول ڪرڻ کان پهريان مون الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي چوڌاري ماڻهو گڏ هئا، ۽ سندن فرمائي رهيا هئا: اي انسانو!  لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ  چئو ۽ ڪامياب ٿي وڃو۔۔۔!! ماڻهو(پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صاف ۽ سچي ڳالھ تي غور ڪرڻ ۽ اسلام قبول ڪري جهنم کان آزادي ماڻڻ جي بدران ابتو)  ظلم ڪري رهيا هئا.  معاذ الله! ڪو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي مٽي اُڇلائي رهيو هو ۽ ڪو گاريون ڏئي رهيو هو. منجهند تائين اهو سلسلو جاري رهيو. پوءِ جڏهن سڀئي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا ته هڪ عورت وڏي پيالي ۾ پاڻي کڻي آئي ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ چهرو ڌوئڻ لڳي. مون اتي موجود ماڻهن کان پڇيو ته اها عورت ڪير آهي؟ ماڻهن ٻڌايو ته: هي اُن (يعني رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جي ڌيءَ زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها آهي. ([1])

اهڙي طرح جو هڪ واقعو حضرت حارث بن حارث رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان به روايت ٿيل آهي، اُن ۾ هي به ذڪر آهي ته جڏهن ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا ته حضرت زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها روئندي حاضر ٿيون. انهن جي هٿ ۾ هڪ پاڻيءَ جو پيالو ۽


 

 



[1]...معجم کبیر،جلد :9،صفحہ:70،حدیث:17193 ملتقطاً۔