Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام برداشت فرمائيندا هئا. * ماڻهو برو ڀلو چوندا هئا، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام برداشت ڪندا هئا. بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، پياري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ هڪ نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جو ذڪر ڪندي فرمايو: (ان قوم کي نيڪي جي دعوت ڏني ته) قوم ان کي سخت تڪليفون ڏنيون، ايستائين جو رت وهڻ شروع ٿي ويو، هاڻي هُو پنهنجي چهري مبارڪ تان رت اُگهندي چئي رهيو هو: اي الله پاڪ! منهنجي قوم کي بخشي ڇڏ، بيشڪ هي نٿا ڄاڻين.[1]
الله اڪبر! انبياءِ ڪرام جيڪا دُعا فرمائن، الله پاڪ فوراً منظور ڪري وٺندو آهي، جن جي دُعا کان عذاب لهي سگهيا ٿي، غير مُسۡلِم زمين ۾ دٻجي سگهيا ٿي، هي ستائڻ وارا، تڪليفون پڄائڻ وارا منٽ کان پهريان موت جو شڪار ٿي سگهيا ٿي پر هي انبياءِ ڪرام جو حلم هيو جو تڪليفون برداشت ڪندي به چوندا آهن: اي الله پاڪ اسان جي قوم کي بخشي ڇڏ، انهن تي عذاب نازل نه فرماءِ.
انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام جي حِلۡم جون مثالون
* حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام ساڍا 9 سو سال تبليغ فرمائي، سندن بابت اچي ٿو، ماڻهو کين تڪليفون ڏيندا ها، جسماني تشدد ڪندا ها، ايستائين جو پاڻ بيهوش ٿي ويندا ها پر جڏهن هوش ايندو هو ته چوندا هئا: اي الله پاڪ منهنجي قوم کي بخشي ڇڏ، بيشڪ هي نٿا ڄاڻين.[2] * اهڙي طرح حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي نمرود ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون نه ڏنيون، مَعَاذَالله! کيس ٻرندڙ باھ ۾ وِڌو ويو پر سندن حلم....!! سُبْحٰنَ اللہ! ايترين سخت تڪليفن ۾ به زبان تي شڪوا شڪايت نه آئي، نه قوم جي لاءِ تڪليف جي دُعا نڪتي *حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي تڪليفون ڏنيون ويون، پاڻ برداشت ڪيائون، حلم اختيار