Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
پيارا اسلامي ڀائرو! هي جيڪي مثالون مون عرض ڪيون ۽ جن تي عام طور اسان جي معاشري ۾ وڏا وڏا جهيڙا ٿي ويندا آهن، اهي ته تمام معمولي ڳالهيون آهن، حقيقت ۾ حِلۡم ڇا کي چئبو آهي؟ اصل ۾ برداشت ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي؟ اچو ته مان توهان کي هڪ سهڻو واقعو ٻڌايان ٿو.
حضرت اَحْنَفْ بن قيس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بزرگ هئا، يعني اهي خوش نصيب آهن جن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي صحبت مان فيض حاصل ڪيو. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حلم ۾ تمام گهڻو مشهور هئا، نهايت بردبار هئا. هڪ ڀيري کين ڪٿان گذري رهيا هئا ڪنهن کيس گار ڏني.
هاڻي اسان وٽ ته هڪ گار جي جواب ۾ جيستائين 10 گاريون نه ڏنيون وڃن، ماڻهن کي سکون ناهي ملندو پر هي تابعي هئا، نيڪ ماڻهو هئا، ڪنهن گار ڏني کين ان جي طرف ڌيان ئي نه ڏنو ۽ پنهنجي رستي کان هلندا رهيا.
اهو گار ڏيڻ وارو جيڪو شخص هو، اهو پويان پويان هلڻ لڳو. پاڻ اڳيان اڳيان هلي رهيا هئا، اهو شخص گاريون ڏيندي، پويان اچي رهيو هو. پاڻ ان جي گارين کي ٻڌندا رهيا ۽ خاموشي سان هلندا رهيا، جڏهن پنهنجي قبيلي جي ويجهو پهتا ته بيهي رهيا. ان شخص ڏانهن منهن ڪري فرمايو: جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ اڃا ڪجهه باقي آهي ته هاڻي ئي چئي وٺ، ڇو ته منهنجي قبيلي ۾ منهنجا چاهيندڙ جيڪڏهن تنهنجون ڳالهيون ٻڌندا ته خطرو آهي ته توکي تڪليف نه ڏين (تنهن ڪري جيتريون گاريون ڏيڻ چاهين ٿو، هتي ئي ڏئي ڇڏ، مان ٻڌي رهيو آهيان).
سندن جي هي ڳالهه ٻڌي ڪري اهو شخص شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويو ۽ واپس موٽي ويو.[1]