Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
جنهن سندن پٽ کي قتل ڪيو هو، ان کي) فرمايائون: اي ڀائيٽيا! توکان تمام وڏو گناھ ٿي ويو آهي (ان کان توبه ڪر!) ۽ (مون ته توکي مُعاف ڪري ڇڏيو، البته) مرڻ واري جي ماءُ کي ديّت ڏئي ڪري راضي ڪر..!! حضرت احنَف بن قيس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن واقعي مون کي حلم سيکاريو آهي. [1]
سُبْحٰنَ اللہ! اُن کي چوندا آهن: برداشت. ڪاش! اسان کي به برداشت ڪرڻ اچي وڃي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
حِلم جي معنيٰ آهي: بُردباري، نَرۡم دلي. امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انسان کي ڪاوڙ اچي ۽ اهو ڪوشش ڪري، تڪلّف سان، نفس کي مجبور ڪري ڪاوڙ کي دٻائي ته اُن عمل کي کَظْمُ الْغَیْظ چيو ويندو آهي، يعني ڪاوڙ پيئڻ، جيڪڏهن باربار انهيءَ طرح ڪاوڙ پيئڻ جي مشق ڪئي وڃي، ايستائين جو اهڙي حالت ٿئي وڃي جو ڪاوڙ ايندي ئي نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪاوڙ اچي به ته ان کي دٻائڻ ۾ تڪلّف سان ڪم نه وٺڻو پئي بلڪه بآساني ڪاوڙ دٻجي وڃي، اُن ڪيفيت کي حلم چيو ويندو آهي. امام غزالي وڌيڪ فرمائن ٿا: ڪاوڙ پيئڻ جي نسبت حلم وڌيڪ افضل آهي، حلم عقل جي ڪمال جي دليل آهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! حلم الله پاڪ جي سُنَّت آهي. الله پاڪ جي پياري پياري نالن ۾ هڪ نالو: حَلِيۡم آهي. الله پاڪ جي حق ۾ ان جي معنيٰ آهي: گنهگارن کي مهلت ڏيڻ، ان تي فوراً پڪڙ نه فرمائڻ. ماڻهو ڪيترا گناھ ڪندا آهن، الله