Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
زبان تي لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ جون صدائون هونديون، ماڻهو مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ تي پنهنجي جان به قربان ڪندا.
اگرچہ لوگ آج اسلام پر ایماں نہیں لاتے! خدائے پاک کے دامانِ وحدت میں نہیں آتے!
مگر نسلیں ضرور ان کی اسے پہچان جائیں گی درِ توحید پر اک روز آکر سر جھکائیں گی([1])
تسلي ڏيڻ وارو آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ٻي سکڻ جي ڳالھ عرض ڪيان، عام طور تي جڏهن انسان مشڪل ۾ هوندو آهي.....!! مثلاً * ڪاروبار ۾ نقصان ٿي ويو. *چوري ٿي وئي. * ڪنهن ڪم ۾ ناڪامي ٿي وئي. * اسڪول ۾ فيل ٿي ويا* ڪنهن مضمون ۾ سَپلي اچي وئي. * ڪنهن معاملي ۾ مشڪلاتون اچي ويون. اسان وٽ الحمد لله، عاشقانِ رسول نيڪي جي دعوت ڏيندا آهن، مدني قافلن ۾ سفر ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ان راهه ۾ مشڪلاتون اچي وينديون آهن. * ماڻهن جا طعنا ٻڌڻا پوندا آهن. هاڻي اهڙي موقعي تي ڇا ٿيندو آهي؟ ماڻهو اسان کي تسلي ڏئي رهيا هوندا آهن، مثلاً * ڏس ڀاءُ! مشڪلاتون زندگي جو حصو آهن. * گهٻرايو نه، مشڪل سان گڏ ئي آسانيون اينديون آهن. * دل تي صدمو نه وٺو! الله پاڪ بهتر ڪندو.
پر هتي معاملو ڏسو! تڪليف اسان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي پهتي آهي. ماڻهو ڪوڙو چئي رهيا آهن. پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گهڻي خواهش رکندا آهن ته ماڻهو ڪلمو پڙهن ۽ جنت جا حقدار بڻجي وڃن، پر ماڻهو ان جي ابتڙ گستاخيون ڪري رهيا آهن. اسان وٽ عام دستور موجب ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڪو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي تسلي ڏئي ها، پر قربان وڃون!