Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
تقريباً 140 ڪتاب لکيا. * سندن نصيحتن سان ڀرپور پنجابي شاعري کي وڏي شهرت ملي. * 63 ورهين جي عمر ۾ جمعي جي رات پهرين جُمادي الآخر 1102 هجري تي سندن وصال ٿيو. * سندن مزار مبارڪ قصبه دربار سلطان باهو، ويجهو ڳڙهه مهاراجه (تحصيل شور ڪوٽ، ضلعي جھنگ، پاڪستان) ۾ آهي.[1]
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم؛ مدني قافلو
پيارا اسلامي ڀائر! فيضان اولياء ماڻڻ، بااخلاق و باڪردار، سنتن جو پابند عاشقِ رسول بڻجڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت ۾ برڪتون نصيب ٿينديون، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي.
نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ان جي راھ ۾ مشڪلاتون برداشت ڪرڻ انبياء جي سنت آهي * دين جو ڪم مشقتون برداشت ڪري، قربانيون ڏئي ڪري ٿيندو آهي * انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام * صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم * نيڪ ماڻهو نيڪي جي دعوت لاءِ گهرن کان نڪرندا هئا * پري پري علائقن ۾ ويندا هئا * هجرت ڪندا هئا * مشقتون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا * پهرين دور جي مسلمانن جي قربانين سان ئي اسان تائين دين پهتو آهي.
*عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي به انهي راهه تي آهي * سڄي دنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ لاء لکين عاشقان رسول مدني قافلي جي صورت ۾ ملڪ ملڪ، شهر شهر، ڳوٺ، ڳوٺ ويندا آهن ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن* مدني قافلن جي برڪت سان ڪيئي غير مسلم ڪلمو