Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
رکڻ به سنت آهي.[1]
سنّتیں عام کریں، دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے!
محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو اطمينان
پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه سيرت جو هيءُ هڪ واقعو جيڪو اسان ٻڌو، اُن واقعي ۾ هڪ اهم سکڻ جي ڳالھ ڄاڻيو ٿا ڪهڙي آهي؟ اها آهي اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو اطمينان، نيڪ اميد، ۽ هن ڳالھ جو سچو ۽ پڪو يقين ته هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اسلام غالب ٿيندو.
ڪيتري نه ڪمال جي ڳالهه آهي...!! * ماڻهو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي چوڌاري جمع آهن * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا آهن. * سمجھائي رهيا آهن. * جنت جي طرف سڏ ڪري رهيا آهن ۽ سامهون کان ماڻهو مَعاذَالله! * گستاخيون ڪري رهيا آهن * ڪو گاريون ڏئي رهيو آهي * ڪو مٽي کڻي سندن پاڪ جسم تي اڇلائي رهيو آهي. ان جي باوجود جڏهن شهزادي صاحبه حضرت بي بي زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها روئندي حاضِر ٿين ٿيون ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري يقين ۽ اطمينان سان فرمائن ٿا: ڌيءَ! هرگز هي ڊپ نه ڪر ته اهي ماڻهو تنهنجي والد تي غالب ايندا.
ڄڻ ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان سفر جو نتيجو ڏسي رهيا هئا، سندن ڄاڻندا هئا ته * هي رستي جي شروعات آهي. * آخرڪار هي مشڪلاتون ختم ٿينديون. * هي تڪليفن جا ڏينهن انجام تي پهچندا. * پوءِ اهو وقت به ايندو، جڏهن هر