Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

هي ته سڀني کي تسلي ڏيڻ وارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. هي دلين کي حوصلو ڏيڻ وارا ڪريم آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دل سان ايترو مطمئن آهن جو پنهنجي شهزادي صاحبه کي تسلي ڏئي فرمائي رهيا آهن ته ڌيءَ خوف نه ڪيو! منهنجي به دل مطمئن آهي، تون به مطمئن رھ! هي مشڪل گهڙي آهي، ڪٽجي ويندي. پوءِ الله پاڪ اسلام کي غلبو ۽ عروج عطا ڪندو.Bottom of Form

آساني جو انتظار  به عبادت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو جيڪو دل جو اطمينان ۽ سڪون آهي، افسوس هي اسان وٽان ختم ٿيندو پيو وڃي. اسان تمام جلد بيزاري جو شڪار ٿي ويندا آهيون. هيءَ ڳالهه تمام نازڪ ۽ سمجهڻ جهڙي ڳالھ آهي. هن دنيا ۾ جيڪو به ڪم ٿيندو آهي، ان جو هڪ وقت مقرر هوندو آهي. قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ(۳۸) (سيپاره 13، سوره رعد: 38)

ترجمو ڪنزالعرفان: هر وعدي لاءِ هڪ لکيل (مدت)  آهي.

يعني هي ڳالھ الله پاڪ وٽ طئي آهي ته ڪهڙو ڪم ڪيئن ۽ ڪڏهن مڪمل ٿيڻو آهي.[1] ڪجهه ڪمن جا وقت ته اسان وٽ به مُقرَّر هوندا آهن، هڪ وقت اهو به آهي جيڪو الله پاڪ وٽ مقرر آهي. اسان ان وقت جي پوري ٿيڻ جو انتظار ناهيون ڪندا * ان کان پهريان ئي بيزاري جو شڪار ٿي ويندا آهيون. * اسان سگنل تي بيٺل آهيون، هي خبر آهي بلڪ سگنل سان گڏ ئي ٽائمر لڳل آهي، سيڪنڊز هلي رهيا آهن، اسان ڏسي به رهيا آهيون، پر بيزاري محسوس ڪندا


 

 



[1] تفسیر نظم الدرر، پارہ:13، سورۂ رعد، زیرآیت:38، جلد:4،صفحہ:160۔