Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

فرمايو* حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام کي ستايو ويو، *حضرت شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام کي ستايو ويو. *حضرت لُوط عَلَيۡهِ السَّلَام کي تڪليفون ڏنيون ويون. *حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام کي ته شهيد ڪيو ويو. *حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي خلاف سازشون رچايون ويون پر قربان وڃو! هي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام جو پاڪيزه انداز آهي، انهن کي جيتريون به تڪليفون ڏنيون ويون، هي حلم، حلم ۽ حلم ئي جو مظاهرو فرمائيندا رهيا، ڪنهن نبي عَلَيۡهِ السَّلَام  نه جلدبازي سان ڪم ورتو، نه ئي پنهنجي ذات جي خاطر ڪاوڙ فرمائي بلڪ صبر ۽ تحمل سان هر ستم برداشت ئي فرمائيندا رهيا.   

حلم(بردباري) سُنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آهي

جڏهن اسان حضرت مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي حِلْم مُبارَڪ جي ڳالهه ڪريون ته واقعي ان جي شان سڀني کان اعليٰ ۽ بي مثال آهي. پاڻ ڪريم     صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ته هر شان سڀني کان اعليٰ عطا ڪئي وئي آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِیْمٍ(۴) (پارہ:29، سورۂ قلم:4)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ تون نهايت اخلاق جو مالڪ آهين.

جيترا چڱا اخلاق آهن، جيترا چڱا اوصاف آهن، باقي نبين سڳورن کي جيترا عطا ٿيا هئا، ان سان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيا ويا. حلم به سندن کي سڀني کان وڌيڪ عطا ڪيو ويو. اچو! حلمِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون ڪجھ مثالون ٻڌون ٿا:

 (1)  اُٺ وڪرو ڪندڙ سان حِلۡم

مومنن جي امڙ سائڻ، حضرت عائشه صديقہ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو  پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ اعرابي کان کجورن جي بدلي ۾ هڪ اُٺ