Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

خريد ڪيو. پر جڏهن ادائيگي جي لاءِ گهر آيا ته کجورون موجود نه هيون. رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ان اعرابي کي فرمايو: اي عبدالله! اسان توکان کجورن جي بدلي اُٺ خريد ڪيو پر ادائيگي لاءِ کجورون موجود نه آهن.

 اهو ٻڌندي ئي اهو اعرابي زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳو: هاءِ، دوکو! هاءِ، دوکو! صحابه ڪرام رضي الله عنهم جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ان اعرابيءَ کي مارڻ لاءِ ڊوڙيا، ۽ چيائون ته تون رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪهڙي انداز ۾ گفتگو ڪري رهيو آهين؟ رحيم ۽ ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان کي ڇڏي ڏيو! ان کي ڳالهائڻ جو حق آهي. اها ڳالھ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻه يا ٽي ڀيرا ارشاد فرمائي. پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کجورن جو انتظام ڪيو ۽ ان اعرابي کي عطا فرمايائون. ان (اعرابي) عرض ڪيو:  جَزَاکَ اللہُ خَیْراً يعني الله پاڪ توهان کي ڀلي جزا ڏئي، توهان مون کي پورو حصو تمام بهترين طريقي سان عطا فرمايو. پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:  ماڻھن مان بھترين اھي آھن جيڪي پورو حصو بھترين طريقي سان ڏيندا آهن.[1]

 واپار ۾ ايمانداري اختيار ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! حضور اڪرم، شاهه بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر معاف ڪرڻ وارا ۽ انتهائي مهربان ۽ بردبار هئا. سڀني جي سامهون واپار کان انڪار ڪرڻ جو الزام لڳائڻ واري کي بدلو وٺڻ جي طاقت ۽ قُدرت هجڻ جي باوجود معاف فرمائي ڪري چڱي اخلاق جو مظاهرو فرمايو.  هن روايت مان اسان کي به هي سبق مليو ته واپار دوران خريد ۽ وڪرو ڪندي وقت بردباري، برداشت، سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم وٺڻ گهرجي. سودو وڪرو ڪندڙ يا خريد ڪندڙ مان ڪوبه تڪليف ڏيڻ واري ڳالهه ڪري ته


 

 



[1] سبل الہدی والرشاد، جلد:7، صفحہ:20۔