Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

هي آيتِ مبارڪه تلاوت فرمائي:

لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْکُمُ الْیَوْمَ ؕ یَغْفِرُ اللّٰہُ  لَکُمْ ۫ وَ ہُوَ اَرْحَمُ الرّٰحِمِیْنَ (۹۲) (پارہ:13، سورۂ یوسف:92)

ترجموڪنزالعرفان: توهان تي ڪا ملامت نه آهي، الله توهان کي معاف ڪري ۽ اهو سمورن مهربانن کان وڌيڪ مهربان آهي.

۽ فرمايائون: وڃو توهان آزاد آهيو.[1]

ڪيستائين برداشت ڪندا رهون...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلھ اسان وٽ جڏهن بردباري جي ڳالھ ڪئي ويندي آهي، مُعاف ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ويندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن: مون کي صبر جو مشورو ڏيو ٿا، مون کي مُعاف ڪرڻ جو چئو ٿا، سامهون واري کي به ته ڏسو...!! اُن مون سان هي ڪيو، مون سان هُو ڪيو، مون کي ايتريون تڪليفون پهچايون..!! آخر ٻانهو صبر ڪري ته ڪيستائين ڪري،؟ برداشت ڪري به ته ڪيتري ڪري؟

جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، انهن کان سوال آهي: * ڇا اوهان کي ڪنهن کوھ ۾ وڌو؟ * ڇا توهان کي غلام بڻائي ڪري بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي؟ *  ڇا ڪنهن جي ڪري اوهان کي جيل ۾ ڪيئي سال بي گناھ رهڻو پيو آهي؟* ڇا ڪنهن جي سبب اوهان کي پنهنجي والدين سان 30 سالن تائين جُدا رهڻو پيو آهي؟ الله پاڪ جي نبي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام سان هي سڀ ڪجھ ٿيو * کين کوھ ۾ به وڌو ويو * پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام آقا هئا پر کين غلام جي طور تي وڪرو به ڪيا ويا * پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام بي گناھ هوندي به جيل ۾ رهيا   * والدِ محترم سان تمام گهڻي محبت جي باوجود 30 سالن تائين انهن کان جُدا


 

 



[1] سبل الہدی والرشاد،جلد:5،، صفحہ:242۔