Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
رهندو آهي، اُن وقت تائين الله پاڪ جي طرفان هڪ مددگار ملائڪ سندس مدد ڪندو رهندو آهي، لهٰذا جيڪي چوندا آهن ته انسان ڪيترو برداشت ڪري؟ انهن کي گهرجي! اُن وقت تائين برداشت ڪندا رهن، جيستائين الله پاڪ جي مدد پاڻ سان گڏ رکڻ چاهين. جڏهن هي لڳي ته (معاذالله) هاڻي الله پاڪ جي مدد جي ضرورت ناهي، ان وقت برداشت ڪرڻ ڇڏي ڏيو. الحمدلله! اسان کي ته هر لمحي الله پاڪ جي مدد جي ضرورت آهي، مرڻ گهڙي تائين بلڪ مرڻ کانپوءِ به ضرورت آهي لهٰذا گهرجي ته آخري ساهه تائين برداشت ڪندا ئي رهو.
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان جي آخر ۾ پياري محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ خوبصورت نصيحت ٻڌو!
هي نصيحت منهنجي لاءِ به آهي، توهان جي لاءِ به آهي، زيد، عمر، بڪر ۽ سڀني لاءِ آهي. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ڇا توهان ابو ضَمۡضَم وانگر نه ٿا ٿي سگهو؟ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَ عرض ڪيو: ابو ضَمۡضَم ڪير آهي؟ حضور پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: توهان کان پهريان ماڻهن ۾ هڪ شخص هو، جڏهن صبح ٿيندي هئي ته هُو هيئن چوندو هو: اي الله پاڪ! مون اَڄوڪي ڏينهن پنهنجي عزت ان ماڻهوءَ تي صدقو ڪري ڇڏي، جيڪو مون تي ظلم ڪري.[1]
ڪيتري پياري نصيحت آهي! اسان کي به پنهنجو اهو معمول بڻائڻ گهرجي. * روزانو پنهنجي عزت، پنهنجو وقار، پنهنجي اوچي قد جو رُعب، پنهنجي عهدي ۽ منصب جي حيثيت وغيره وغيره اهي تمام شيون جيڪي اسان کي بي صبري ۽ ڪاوڙ تي اڀارينديون آهن، اهي سڀئي شيون قربان ڪيو * روزانو هي نيت ڪريو ته اي الله پاڪ! اڄ جيڪو به مون کي ستائيندو، مون ان کي اڳواٽ ئي معاف