Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

ايندو، برداشت به اچي ويندي ۽ ان جي برڪت سان، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪاميابيون به نصيب ٿينديون.

تمام سهڻي حديث پاڪ آهي: اَفْضَلُ الْعِبَادۃِ اِنْتِظَارُ الْفَرْجِ يعني آساني ملڻ  جو انتظار ڪرڻ افضل عبادت آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ!* سگنل بند آهي، مون کي جلدي آهي؟ صبر ڪيو! ان تي ثواب ملندو*غربت اچي وئي، تنگدستي اچي وئي، صبر سان آساني جو انتظار ڪيو! ثواب ملندو، بيمار ٿي ويا؟ صبر سان شفا جو انتظار ڪيو! ثواب ملندو* امتحان ۾ ناڪام ٿي ويا؟ صبر ڪيو، ايندڙ امتحان لاءِ تياري ڪيو ۽ ڪاميابي جو انتظار ڪيو! ثواب ملندو* حالتون قابو کان ٻاهر ٿي ويون آهن؟ صبر ڪيو ۽ الله جي مدد جو انتظار ڪيو! ثواب ملندو.

مطلب ته ڪا به مشڪل آهي، پريشاني آهي، يا ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ته صبر ڪيو! صبر سان آساني ملڻ جو انتظار ڪيو .اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ثواب ملندو.Bottom of Form

 مؤمن جو حال عجيب آهي...!!

حديث پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
مؤمن جو حال عجيب آهي، ان جو سڄو معاملو ئي ڀلائي وارو آهي، جڏهن ان کي خوشي ملندي آهي ته شڪر ڪري ثواب ڪمائي وٺندو آهي، جڏهن مشڪل، پريشاني، مصيبت ايندي آهي ته صبر ڪري ثواب ڪمائي وٺي ٿو.[2]


 

 



[1] ترمذی، کتاب الدعوات، باب فی انتظار الفرج...الخ،

[2] مسلم، کتاب الزھد و الرقائق، باب المؤمن امرہ ...الخ، صفحہ:1144، حدیث:2999۔