Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪمال حلم ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪندي، غورث کي معاف ڪري ڇڏيو.[1]
ڇا ڳالھ آهي.....!! غير مسلم به سندن حلم تي ڪيترو ڀروسو رکندا هئا. ڇا خوب چيو آهي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه :
کر کے تمہارے گُنَاہ، مانگیں تمہاری پناہ تم کہو دامن میں آ ، تم پہ کروڑوں درود! ([2])
هڪ ٻي مقام تي فرمايو:
چور حاکم سے چھُپا کرتے ہیں یاں اس کے خلاف تیرے دامن میں چھپے، چور انوکھا تیرا([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيترو نرالو حلم آهي...!! ماڻهو تڪليفون ڏيندا آهن، محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حلم جو اظهار ڪندا آهن، ماڻهو گناھ ڪندا آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي ناراض ناهن ٿيندا، پنهنجي شفاعت جي دامن ۾ وٺي گُناھ بخشرائيندا به آهن ۽ الله پاڪ کان جنت به ڏياريندا آهن.
(3): وڃو! توهان سڀ آزاد آهيو...
منقول آهي: جنهن ڏينهن مڪو فتح ٿيو، اُن وقت رحيم ۽ ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي وارن کان پڇيو:
اي قريش! توهان جو ڇا خيال آهي، مان توهان سان ڪيئن سلوڪ ڪرڻ وارو آهيان؟ انهن جواب ڏنو: نَظُنُّ خَیْراً، يعني اسان توهان کان خير ئي جي اميد رکون ٿا، نَبِیٌّ
کَرِیْمٌ وَاَخٌ کَرِیْمُ وَ ابْنُ اَخٍ کَرِیْمٍ وَ قَدْ قُدِرْتَ ڇوته توهان ڪريم نبي
آهيو، ڪريم النفس ڀاءَ آهيو ۽ اسان جي ڪريم ۽ مهربان ڀاءَ جا فرزند آهيو ۽ الله
پاڪ اوهان کي اسان تي قدرت عطا فرمائي آهي، ته رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اَڄ
مان توهان کي اها ڳالھ چوان ٿو، جيڪا منهنجي ڀاءَ يوسف پنهنجي ڀائرن جي باري ۾ چئي
هئي. پوءِ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم