Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
به رهيا، اُن سڀ هوندي به آخر ۾ سندن زبان مبارڪ تي خبر آهي ڪهڙا جملا هئا؟ سندن ڀائر جڏهن شرمندگي سان سندن سامهون حاضر هئا، اهي ڊڄي رهيا هئا ته نه ڄاڻ اَڄ اسان سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو. حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام وڏي اطمينان سان فرمايو:
قَالَ لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْكُمُ الْیَوْمَؕ- (پارہ:13، سورۂ یوسف:92)
ترجمو ڪنزالعرفان: اڄ توهان تي ڪا ملامت نه آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي حلم..!! هي آهي برداشت...!! اسان کي گهرجي ته اسان به حِلۡم اپنايون، برداشت اپنايون، ڪاوڙ ۾ ڀرجي نه بلڪ مُعاف ڪري ثواب ڪمائڻ سکون.
حِلۡم جي فضيلت تي مبارڪ حديثون
اي عاشقانِ رسول! اسان کي به حِلم اپنائڻ گهرجي! * حلم (بردباري) وارو الله پاڪ جو پسنديده ۽ پيارو ٻانهو بڻجي ويندو آهي. * ملائڪ بردباري ڪرڻ واري جا مددگار هوندا آهن. * بردباري ڪرڻ واري جي ماڻهو ساراهه ڪندا آهن. * ۽ حِلم وارو ماڻهو بلند درجن تائين پهچي ويندو آهي. * حضور پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: پنج شيون نبين جي سنت مان آهن، انهن مان هڪ حِلم (بردباري) آهي.[1] هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: بيشڪ مسلمان حِلم ذريعي ڏينهن ۾ روزو رکڻ ۽ رات ۾ عبادت ڪرڻ واري جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي.[2] * حضور پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: بيشڪ الله پاڪ حِلم واري کي پسند فرمائيندو آهي.[3] * هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن مخلوق کي گڏ ڪيو ويندو. هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو: فضيلت وارا ڪٿي