Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ڪندي صبر جو ڍُڪ پيئڻ گهرجي.جوابي ڪاروائي ڪرڻ، لڙائي ۽ جهيڙي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ پاڻ ۾ نفرتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. بدڪلامي، دل آزاري ۽ الزام تراشي وارا جملا چوڻ جي صورت ۾ ڪبيره گناهن ۾ وڃي پوڻ جو به انديشو آهي. لهٰذا اسان مان هر هڪ کي گهرجي ته اهڙن موقعن تي غصو ڪرڻ، ماڻهن کي ڊيڄارڻ ۽ ڳالهه کي وڌائڻ بدران صبر جو مظاهرو ڪندي پاڻ به گناهن کان بچون ۽ ٻين کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪيو.
(2) حضور غَورث کي معاف ڪري ڇڏيو
هڪ دفعي پياري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان گڏ سفر تي هئا. هڪ مقام تي ترسيا. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم ڪجھ فاصلي تي رُڪيا ۽ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اڪيلي هڪ وڻ جي هيٺان آرام فرما ٿيا، غير مسلم جيڪي هميشه الله جي محبوب، نبين جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي نقصان پهچائڻ جا ناپاڪ منصوبا ٺاهيندا رهندا هئا، انهن مان هڪ غير مسلم جنهن جو نالو غَورث هيو، اوچتو ڪٿان کان ظاهر ٿيو. تلوار هٿ ۾ هئي، تلوار کي بجليءَ جيان لهرائيندي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجهو پهتو ۽ غرور ۽ تڪبر واري لهجي ۾ چيائين: محمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم)! ٻڌاءِ، هاڻي توکي مون کان ڪير بچائيندو؟
محبوبِ رحمٰن، سلطانِ دوجهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نهايت ئي اطمينان سان فرمايو: الله...!! (يعني مون کي الله پاڪ بچائيندو).
بس پوءِ ڇا هيو، نبوت جي شان جي هيبت سان غورث جي هٿ مان تلوار ڪِري پئي. هاڻي تلوار محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هٿ مبارڪ ۾ هئي ۽ غورث ان تلوار جي وار هيٺ هو. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هاڻي ٻڌاءِ، توکي مون کان ڪير بچائيندو؟" غورث گِڙ گِڙائي عرض ڪيو: هاڻي توهان ئي ڪرَم ڪيو...!!