Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

چُپْ رِہ سِیْں تَا مَوتِی مِلْ سَنْ، صَبْر کَرِیْں تَا ہِیْرے

پَاگَلَاں وَانْگُوْں رَوْلَا پَاوِیْں، نَہ مَوْتِی نَہ ہِیْرے

  وضاحت: جيڪڏهن تڪليفن تي خاموشي سان صبر ڪندا رهياسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب به ملندو ۽ انعام به، ۽ جيڪڏهن بي صبري جو مظاهرو ڪيو، ته تڪليف وڃڻ ته رهي پري، ابتو ثواب به هٿان ويندو رهندو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

نظر خدا تي رکو...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث پاڪ ٻڌي، اَفْضَلُ الْعِبَادۃِ اِنْتِظَارُ الْفَرْجِ  يعني آساني جو انتظار ڪرڻ افضل عبادت آهي.

حيرت جي ڳالھ آهي، هن انتظار کي افضل عبادت ڇو چيو ويو؟ امام ترمذي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي نهايت ايمان افروز حڪمت لکي آهي، فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو صبر سان، دلي اطمينان سان آساني اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوندو آهي، ان جي نظر اصل ۾ ظاهري اسباب تي ناهي هوندي، ان جي نظر مُسَبِّبُ الْاَسْبَاب (يعني اسباب بڻائڻ واري ربّ رحمٰن) تي هوندي آهي، ۽ هي ڳالھ(يعني نگاهون اسباب کان هٽائي ڪري مُسَبِّبُ الْاَسْبَاب جي طرف لڳائي ڇڏڻ) ڪامل ايمان جي نشاني آهي، انهيءَ ڪري فرمايو: صبر ۽ تحمل سان آساني اچڻ جو انتظار ڪرڻ افضل عبادت آهي.[1]

درد  جو   احساس نه ٿيو

حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها جيڪي پنهنجي وقت جون تمام وڏيون وليه هيون،


 

 



[1] نوادر ُالاصول، الاصل السادس و الخمسون و المائۃ...الخ، جلد:1، صفحہ:423