Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

پيارا اسلامي ڀائرو  !بيان کي ختم ڪندي سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي  بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. تاجدار رسالت ،شهنشاه نبوت صلي الله عليه وسلم فرمايو: جنهن منهجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سا محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

گهٽ کائڻ سنّت آهي

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جڏهن ٻانهو پنهنجي کاڌي ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ته ان جو سينو نور سان ڀريو ويندو آهي.[2]

 اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنّت آهي. اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لاڳيتو  2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بکَ جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.

کاڌي جي مقدار جي باري ۾ احڪام:

 بُکَ رکي ڪري کائڻ سنّت آهي. جيتري بُک آهي، اوترو کائي وٺڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناھ، نه ثواب). پيٽ ڀري ڪري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام آهي.  پيٽ ڀري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي مڪروھ آهي. غذا ۾ ايتري گهٽتائي ڪري ڇڏڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل اچي، ناجائز آهي.[3]

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين


 

 



[1] تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] جامع صغیر، صفحہ:35،حدیث:469۔

[3] بہارِ شَرِیْعت، حصہ:16، جلد:3، صفحہ:374ملخصًا ۔