Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
پڙهي ڪري مسلمان ٿي چڪا آهن * لکن جي زندگين ۾ نيڪين جي بهار آئي آهي * الحمد لله!3 ڏينهن،12 ڏينهن، 1 مهيني ۽ 1سال جا مدني قافلا سفر ڪندا رهندا آهن * توهان به مدني قافلي ۾ سفر ڪيو ان شاء الله الڪريم! خوب برڪتون حاصل ٿينديون * مدني قافلي ۾ فرض علم دين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديو آهن * تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعا قبول ٿيڻ * مشڪلاتون حل ٿيڻ * بيمارين کان شفا ملڻ جا سيڪڙو واقعات موجود آهن * ائين به ٿيو آهي جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقان رسول جي حوصله افزائي لاءِ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ شرڪاءِ قافلا کي پنهنجو ديدار ڪرايو. اسان مدني قافلي ۾ سفر ڪيون، ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي نيت ڪيو! بلڪ اڄ ئي نيت لکرايو! اچو ته توهان جي ترغيب لاءِ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.
هڪ ماڊرن نوجوان حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علائقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي مسجد ۾ اچي ويو. بيان ۾ مدني قافلن ۾ سفر جي ترغيب ڏني وئي، جنهن تي هن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالو لکرايو. اڃا قافلي ۾ روانگي لاءِ ڪجهه ڏينهن باقي هئا جو قضاءِالٰهي سان سندس انتقال ٿي ويو. ڪنهن گهر واري مرحوم کي خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ سرسبز باغ ۾ ڏاڍو خوش آهي ۽ جهولي ۾ لڏي رهيو آهي. خواب ڏسندڙ کانئس پڇيو: تون هتي ڪيئن پهتين؟ اُن نوجوان جواب ڏنو: مان دعوت اسلامي جي مدني قافلي سان آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئي ڇڏجان ته