Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

ڪيو. *اڄ جيڪو به مون تي آڱر کڻندو، مون کيس معاف ڪيو* اڄ جيڪو به  مون کي تڪليف ڏيندو، * مون کي ڪاوڙ سان ڏسندو، * مون کي گار ڏيندو * مون تي طنز ڪندو، اي الله پاڪ! مون ان کي تنهنجي رضا لاءِ اڳ ئي معاف ڪيو.

الله پاڪ اسان کي اُن جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! اسان کي صبر، حلم ۽ برداشت جي نعمت نصيب ٿي وڃي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

تُو عطا  حِلْم کی بھیک کر دے                                                                              میرے اخلاق بھی ٹھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے                                                                                       یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 سُلطان باهو جو ذڪر خير

پيارا اسلامي ڀائرو! هر سال پهرين جُمادَي الآخر تي سلطان العارفين، وليِّ ڪامل حضرت سخي سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جو عرس ملهايو ويندو آهي. اچو ته ان مناسبت سان انهن جو ڪجهه ذڪر ٻڌون ٿا:

* حضرت سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ رمضان المبارڪ 1039 هجري ۾ شور ڪوٽ (پنجاب، پاڪستان) ۾ پيدا ٿيا. * سندن والد محترم حافظِ قرآن، عالمِ دين، نيڪ سيرت ۽ شريعت جا پابند هئا، جڏهن ته سندن والدہ ماجده الله پاڪ جي وليّه هيون.

* سندن سلسلو نسب 29 واسطن سان مسلمانن جي چوٿين خليفي، حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رَضِیَ اللهُ عَنْهُ سان ملي ٿو. * سندن تعليم ۽ تربيت هڪ نيڪ سيرت والدہ جي آغوش ۾ ٿي. * زندگي جو وڏو حصو مختلف علائقن جو سفر ڪري مخلوقِ خدا کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ گذاريو. * الله پاڪ کين زبردست تحريري صلاحيتن سان نوازيو هو. * حضرت سخي سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ 


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:138۔