Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

آهيون، هڪ اڌ منٽ اسان انتظار ناهيون ڪري سگهندا. * ڪٿي ٽريفڪ جام ٿي وئي، اها خبر آهي ته ٽريفڪ پنهنجي وقت تي ئي کُلندي، پر انتظار ناهيون ڪري سگهندا. هارن تي هارن وڄي رهيا هوندا آهن، ڪاوڙ ۾ هٿ پير سُڄي ويندا آهن، ڪجھ ماڻهو ته اندر ئي اندر ڪُڙهندا آهن ماڻهن کي برو ڀلو چئي رهيا هوندا آهن ۽ ڪجھ نادان ته گاريون به ڏئي رهيا هوندا آهن.
* اهڙي طرح بيمار ٿي ويا، هن بيماري کان ڪڏهن شفا ملندي، اهو الله پاڪ وٽ مقرر آهي. اسان شڪايتون ڪيون يا صبر ڪيون، شفا مقرر وقت تي ئي ملندي. * ميٽرڪ ڪرڻ لاءِ نرسري، پَري نرسري، پريپ وغيره سڀئي شامل ڪري عام حالتن ۾ 12، 14 سال لڳي ويندا آهن، مون کي ڪيترا سال لڳندا. اها ڳالهه الله پاڪ وٽ طئي آهي، ممڪن آهي ته تقدير ۾ ٻه ڀيرا فيل ٿيڻ لکيل هجي، وقت مقرر آهي، اسان انتظار ناهيون ڪندا * ڪاروبار شروع ڪيو، ان ۾ ترقي ڪڏهن ملندي، اهو الله پاڪ وٽ مقرر آهي پر اسان جو ذهن هي هوندو آهي ته اڄ دڪان کوليو، سڀاڻي لکين روپين جي آمدني شروع ٿي وڃي.

ايئن ئي سوچيندا هلندا وڃو! ڪيئي مثال سامهون اچي ويندا، چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته هيءَ جيڪا بي اطميناني جي ڪيفيت آهي، ڪنهن ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ، ڪنهن سفر ۾ منزل تائين پهچڻ لاءِ، يا ڪنهن به معاملي ۾ ڪاميابي جون ڏاڪڻون چڙهڻ لاءِ جيڪو وقت جو دورانيو مقرر آهي، اسان ان وقت کي پورو ڪرڻ کان پهريان ئي بيزاري محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون. پوءِ اها بيزاري بي صبري جو ذريعو بڻجندي آهي، پوءِ اها بي صبري اسان کي ناڪامي تائين پهچائيندي آهي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته هن بيزاري کي پنهنجي اندر کان ختم ڪريون. جڏهن هيءَ بيزاري ختم ٿي ويندي ته صبر به