Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai

پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا خاص خدمت گار هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون 10 سال پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ گذاريا، انهن سالن ۾ هڪ ڀيرو به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هي نه فرمايو: اي انس! هي ڪم ڇو ڪيو؟ ۽ نه ئي هي فرمايو ته هي ڪم ڇو نه ڪيو؟[1]

حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  وڌيڪ فرمائن ٿا: جيڪڏهن مون کان ڪا غلطي ٿي ويندي هئي، ڪو ٿان وغيره ڪِري ٽُٽي پوندو هو، اُن تي گهر ۾ ڪو مون کي ڇڙٻڻ لڳندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائيندا هئا: هن کي ڇڏي ڏيو! فَاِنَّہٗ لَوْ قُضِيَ شَيْءٌ لَكَانَ يعني جيڪڏهن ڪجهه ٻيو تقدير ۾ هجي ها ته اهو ٿئي ها. [2]

سُبْحٰنَ اللہ! هي وڏي ڪمال جي ڳالھ آهي، اسان وٽ گهرن ۾ هنن ڳالهين تي چڱا ڀلا جهيڙا ٿي ويندا آهن. ٻار جي هٿان ٿانوَ ڇڏائجي ڪريو، ٽٽي پيو، اُن تي مائرون ڪاوڙ ۾ اچي وينديون آهن، والدين ڇڙٻڻ شروع ڪندا آهن. غلطي سان چانھ هٿ مان ڇڏائجي ڪري ڪپڙن تي ڪِري پئي، پوءِ ته قيامت اچي ويندي آهي، ڪو فنڪشن وغيره هلي رهيو هجي، اُن ۾ ايئن ٿي وڃي ته بعض دفعا انهي ڪري سڄو فنڪشن ئي خراب ٿي ويندو آهي، ان ننڍي ڳالھ تي ايتري ڪاوڙ ڪئي ويندي آهي جو چڱو ڀلو خوشين ڀريو ماحول ئي اُداس ٿي ويندو آهي. * زال سان ڪا غلطي ٿي وئي. * ديڳڙي سڙي وئي، * لوڻ وڌيڪ پئجي ويو. *ڪپڙا استري ڪندي، سڙي پيا. * ڪپڙا ڌوئڻ ۾ ڪمي رهجي وئي، ڪو معمولي داغ رهجي ويو. اسان وٽ اهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي گهرن ۾ لڙايون ٿينديون آهن، جهڳڙا ٿي ويندا آهن. * ننڍي ڀاءَ کان ڪا غطي ٿي وئي. موٽر سائيڪل ڪري پئي. * ننڍو وڏو نقصان ٿي ويو. * ٻار کي دُڪان تي موڪليو هو، ويچاري کان پئسا ڪٿي ڪرِي پيا. ته اُن ويچاري جي اها ڪلاس


 

 



[1] بخاری،کتاب الادب،باب حسن الخلق و السخاء...الخ،صفحہ:1504،حدیث :6038۔

[2] مکارم الاخلاق للخرائطی، جلد:1، صفحہ:203، حدیث:71۔