Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
ورتي ويندي آهي جو خدا جي پناھ..!! * رستي تان هلندي وقت ڪنهن جو ڪلهو اسان سان ٽڪرائجي ويو، ماڻهو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، بعض دفعا ته هن ڳالھ تي لڙائي به ٿي ويندي آهي * ڪنهن جو پير اسان جي پير تي اچي ويو، برداشت ناهي ٿيندي. موٽر سائيڪل وارو گاڏي کان ٽڪرائجي ويو، هاڻي يڪدم هڪ ڪاوڙ واري بريڪ لڳندي، آسپاس جا ماڻهو به متوجھ ٿي ويندا آهن ته ڇا ٿيو؟ ڪار وارو ڪاوڙ ۾ ڀرجي گاڏي تان لهندو آهي، پوءِ روڊ تي شرافت جو جيڪو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، الله پاڪ جي پناھ.....!!
اهڙا ٻيا به ڪيترائي معاملا اسان وٽ نارمل زندگي ۾ عموماً ٿيندا رهندا آهن، اهڙن معاملن ۾ تقدير تي نظر رکڻ گهرجي. * جڏهن اسان مڃون ٿا ته الله پاڪ جي مرضي کانسواءِ هڪ پن به نه ٿو لُڏي سگهي، ته پوءِ چانهه اسان جي ڪپڙن تي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ * کاڌي ۾ لوڻ ڪيئن وڌيڪ ٿي سگهي ٿو؟ * ڪپڙا ڪيئن سڙي سگهن ٿا؟ * ڪار جي لائيٽ ڪيئن ٽُٽي سگهي ٿي؟
هي تقدير غالب ايندي آهي ۽ ان ۾ اسان جو امتحان ورتو پئي ويندو آهي ته اسان اُن تي صبر ۽ برداشت سان حسن اخلاق جو مظاهرو ڪندا ۽ ثواب ڪمائيندا آهيون يا بداخلاقي اختيار ڪري پنهنجي خراب هجڻ جو ثبوت ڏيندا آهيون.
ان ڪري اهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي صبر ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان تقدير تي نظر رکنداسين ۽ هي سوچ بڻائينداسين ته هي الله پاڪ جو ارادو ٿيو، تڏهن هي تڪليف پهتي. جيڪڏهن الله پاڪ نه چاهي ها، ته مون کي هرگز تڪليف نه پهچي سگهي ها ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برداشت ڪرڻ به آسان ٿي ويندو ۽ اسان ثواب جا حقدار به بڻجي وينداسين۔