Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

جيڪو سورت والعصر پڙهي، الله پاڪ ان جي لاءِ صبر تي مهر لڳائي ڇڏيندو ۽ اهو قيامت جي ڏينهن حق وارن سان گڏ هوندو. ([1])  

غور و فڪر جي لاءِ  سورت عَصۡر ڪافي آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! سُورت والعصر بظاهر هڪ ننڍڙي سورت آهي پر اُن ۾ جيڪي مضمون بيان ٿيا آهن ۽ جيڪو سبق اسان کي ڏنو ويو آهي، اهو اهڙو ته باڪمال ۽ بي مثال آهي جو انسان هڪ نصيحت ئي چڱي طرح اپنائي وٺي ته دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي لاءِ ڪافي آهي. پنهنجي وقت جا تمام وڏا امام حضرت امام محمد بن ادريس شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ماڻهو ان هڪ سورت (يعني سورت والۡعَصۡر) ۾ غور فڪر ڪن ته انهن کي اها ئي ڪافي آهي.[2]

 سندن ئي جو هڪ ٻيو فرمان آهي ته جيڪڏهن الله پاڪ سورت وَالۡعَصۡر کان علاوه ٻي ڪا به دليل نازل نه فرمائي ها تڏهن به هي ئي نصيحت (دنيا ۽ آخرت جي لاءِ) ڪافي ٿي وڃي ها.[3]

الله اڪبر! اندازو ڪيو! قرآنِ ڪريم جون صرف 3 آيتون، صرف 14 لفظن ۾ ڪيتري ڪمال نصيحت بيان ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن اسان صرف انهي هڪ نصيحت کي اپنايون، ان ۾ غور فڪر ڪيون ته اسان جي دنيا به سنورجي سگهي ٿي ۽ آخرت به سنورجي سگهي ٿي.

2 صحابي سڳورن جو خوبصورت انداز

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان سورت وَالۡعَصۡر جي اهميت جو اندازو لڳايو! واقعي هي مُبارڪ سورت اهڙي آهي جو ان کي ياد رکڻ، ان ۾ جيڪا نصيحت ڪئي وئي آهي، اُن تي عمل ڪرڻ ۽ اُن مبارڪ سورت کي باربار دهرائيندو رهڻ


 

 



[1]... اسماء سُوَر القرآن و فضائلہا،صفحہ:594۔

[2] تفسیر ابن ِکثیر،پارہ:30،سورۂ عصر،جلد:4،صفحہ:790۔

[3]  تفسیر الامام الشافعی،پارہ:30،سورۂ عصر،جز:3،صفحہ:1461۔