Book Name:Insan Khasary Mein Hai
سجايون وينديون آهن * شراب پيتو ويندو آهي*جوا کيڏي ويندي آهي
*رات جو 12 ٿيندي ئي ڪروڙين روپيا آتش بازي جي نالي تي ساڙي خاڪ ڪيا ويندا
آهن * هوائي فائرنگ ٿيندي آهي*ڇڙواڳ نوجوان روڊن تي
هُل هنگامو ڪندا آهن * ڪيئي نوجوان ته وَن
وِيلنگ (One Wheeling) ڪندي موت جو شڪار پڻ ٿي ويندا آهن۔
”نيو ائير نائٽ“ جي پروگرامن جون تباه ڪاريون
”نيو ائير نائٽ“ جي نالي تي ٿيندڙ فنڪشنز (Functions) ۾ ڪيئي ماڻهو زهريلو شراب پي يا هوائي فائرنگ سبب يا آتش بازي جي نتيجي ۾ باھ ۾ سڙي مري ويندا آهن۔ مختلف خبرن مطابق * پيرا گوءِ ۾ نيو ائير نائٽ تي آتش بازي جي نتيجي ۾ 400 افراد هلاڪ ۽ سوين زخمي ٿيا * بيونس آئرس نالي هڪ شهر ۾ نئين سال جي خوشي ۾ موسيقي جي هڪ پروگرام دوران آتش بازي ڪئي وئي، جنهن سبب 300 ماڻهو هلاڪ ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا *برطانيه ۾ 2020 جي نيو ائير نائٽ تي ٿيندڙ آتش بازي 1362 ماڻهن کي متاثر ڪيو، انهن مان کوڙ سارن جا عضوا بيڪار ٿي ويا، 40 گھرن کي باھ لڳي وئي، 500 گاڏيون تباھ ٿي ويون ۽ 4 هزار 825 جانور به سڙي مَري ويا * هڪ سروي مطابق نيو ائير نائٽ تي صرف آمريڪه ۾ 171 ارب ڊالر جو شراب پيتو ويندو آهي، 600 ملين ڊالر جي آتش بازي ٿيندي آهي ۽ نوجوان اربين ڊالر ناچ گانن وارن ڪلبن ۾ اُڏائي ڇڏيندا آهن۔
نيو ائير نائٽ ڪيئن ملهايون...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! هونئن ته اسلامي سال شروع ئي مُحَرَّمُ الحرام کان ٿيندو آهي ۽ شروع ٿيندي ئي اسان کي مسلمانن جي ٻئي خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي تقويٰ ۽ پرهيز گاري جي، سندن عشق رسول جي، سندن عدل و انصاف جي ياد ڏياري ٿو۔ پوءِ ان سان گڏوگڏ