Book Name:Insan Khasary Mein Hai
وڃون. سيپاري: 30 سورت اِنشقاق، آيت: 6 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ(۶)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي ربّ جي طرف ڊڪڻ وارو آهين پوءِ ان سان ملڻ وارو آهين. (پارہ:30،اَلْاِنْشِقَاق:6)
تفسير نُورالعرفان ۾ آهي: (يعني) اي انسان! تنهنجو هر ساھ توکي موت سان ۽ ربّ جي ملڻ سان قريب ڪري رهيو آهي. ([1])
غافِل تجھے گھڑیال یہ دیتا ہے منادی
قُدْرَت نے گھڑی عمر کی اِک اور گھٹا دی
هاڻي اوهان غور فرمايو! جنهن جو ايترو قيمتي اثاثو جنهن جي ذريعي جنت جون هميشه رهڻ واريون نعمتون ڪمائي سگهجنديون هجن، اهو اثاثو گهٽجندو وڃي رهيو هجي ۽ اهو هن اثاثي جي قدر به نه ڪري رهيو هجي، ان کان وڌيڪ ٻيو نقصان ۾ ڪير هوندو؟ يقيناً جيڪو پنهنجي وقت جي قدر نٿو سُڃاڻي اهو سُخت خساري ۾ آهي.
حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها ڪامل وليه ٿي گذريون آهن، پاڻ فرمائن ٿيون: هڪ رات سحري جي وقت مان ڪجھ تسبيحات پڙهي ڪري سمهي رهيس، خواب ۾ ڏٺم ته هڪ سائو وڻ آهي جيڪو ايترو وڏو ۽ حسين آهي جو بيان نٿو ڪري سگهجي، اُن تي 3 قسم جا ميوا لڳل هئا، مون دنيا ۾ اهڙا ميوا ڪڏهن نه ڏٺا، ڪجھ ميوا اڇا هئا، ڪجھ ميوا ڳاڙها ۽