Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

ڪجھ ڦڪا ۽ سڀئي ميوا ان وڻ ۾ چنڊ، سج جيان چمڪي رهيا هئا. فرمائن ٿيون: مون کي اهو وڻ ڏاڍو وڻيو، مون پڇيو: هي ڪنهن جو آهي؟ ڪنهن چوڻ واري چيو: هي اوهان جو آهي ۽ انهن تسبيحات جو بدلو آهي جيڪي هاڻي هاڻي اوهان پڙهيون. فرمائن ٿيون: مان وڻ جي آسپاس گهمڻ لڳيس ته مون ڏٺو: سونهري رنگ جا ڪجھ ميوا زمين تي ڪِريل آهن، مون چيو: ڪاش! هي ميوا به انهن ميون سان گڏ وڻ تي موجود هجن ها ته ڪيترو چڱو هجي ها، جواب مليو: هي اتي ئي لڳل هئا. اوهان تسبيح پڙهي ڪري سوچڻ لڳيون ته ڳوهيل اَٽو خميرو ٿي ويو الائي نه. ان وقت هي ميوا ڪِري پيا.[1]

 اي عاشقانِ رسول! هن واقعي کي سامهون رکي ڪري اسان کي پنهنجي باري ۾ غور ڪرڻ جي حاجت آهي. ڪيتري عبرت جي ڳالھ آهي.....!! حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها تسبيح ۾ مصروف هيون، ان دوران صرف ٿوري دير جي لاءِ بيهي ڪري ڳوهيل اٽي جي باري ۾ سوچڻ جو ايترو اثر ٿيو ته ڪيترائي ڪلاڪ فضوليات ۾ برباد ڪرڻ جو وبال ڇا ٿيندو؟ پر افسوس! اسان غفلت مان نٿا جاڳون، افسوس! * سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي بيجا غلط استعمال* دنيا جي مَحبَّت *مال ۽ دولت جي اُلفت *  قبر ۽ آخرت کان غفلت * نوان نوان فيشن اپنائڻ جي عادت *  هوٽلنگ جي ڪثرت * صرف کائو پيو ۽ جان بڻايو جا نعرا جهالت ۽ * نيڪ ڪمن ۾ ٽال مٽُول جي عادت جيئن وقت برباد ڪرڻ وارن ڪمن اسان کي غلط رستي جو مسافر بڻائي ڇڏيو.


 

 



[1] قوت القلوب،الفصل الثامن و العشرون،ذکرالمقام الثانی من المراقبہ،جلد:1،صفحہ:183۔