Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

تَوَدُّ لَوْ اَنَّ بَیْنَهَا وَ بَیْنَهٗۤ اَمَدًۢا بَعِیْدًاؕ-

ترجموڪنزالعرفان: ته خواهش ڪندو ته ڪاش ان جي وچ ۾ ۽ ان جي عملن جي وچ ۾ ڪو وڏو فاصلو (حائل) ٿي وڃي (پارہ:3،آلِ عمران:30)

افسوس! اَڄُ اسان مزي سان جيڪي گناھ ڪيون ٿا، اَڄ جيڪو چئون ٿا: ڇا ڪيون عادت وڃي ئي نٿي. ڪالھ قيامت جي ڏينهن خواهش ڪندا ته ڪاش! هي بُرائي نه ڪئي هجي ها....!! ڪاش! منهنجي ۽ انهن بُرن عملن جي وچ ۾ وڏو فاصلو ٿي وڃي...!!

 بيشڪ اها وڏي گمراهي آهي...؟

علاّمه ابن جوزي رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه  لکن ٿا: هڪ ڀيري خليفه عبدالملڪ بن مروان حضرت منصور بن عمّار رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه کي چيو: اي منصور! هڪ سُوال آهي، مان اوهان کي هڪ سال جي مهلت ڏيان ٿو، هن جو جواب تلاش ڪريو! اهو سوال هي آهي ته سڀ کان وڏو عقل مند ڪير آهي؟ ۽ سڀ کان وڏو جاهل ڪير آهي؟ منصور بن عمّار رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه سُوال ٻڌي جواب جي ڳولها ۾ نڪري پيا، اڃا کُلي فِضا ۾ آيا ئي مَس هئا ته هڪدم واپس موٽي ويا، خليفي عبدالملڪ بن مروان جڏهن کين ڏٺو ته چيائين: اي منصور رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه! ڇا جواب مِلي ويو؟ فرمايائون: هائو! سڀ کان وڏو عقل مند اهو آهي جيڪو نيڪيون به ڪري ۽ الله پاڪ کان ڊڄندو به رهي  جڏهن ته سڀني کان وڏو جاهل اهو آهي جيڪو گناھ ڪري ، پوءِ به پاڻ کي عذاب کان محفوظ سمجهي۔