Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

محمد غزالي شافعي آهي، پاڻ 450 ھ ۾ خراسان جي ضلعي طُوس جي علائقي طابِران ۾ پيدا ٿيا۔ (اتحاف السادة المتقين ،مقدمة الڪتاب ،۱/۹) *حضرت امام غزالي 
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شُمار انهن مُقدَّس هستين ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي سڄي زِندگي علم حاصل ڪرڻ ۽ تبليغِ دين جي لاءِ وَقف ڪري ڇڏي هئي۔ *حضرت امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اِحياءِ دِين جي لاءِ اهڙا اهڙا ڪارناما سراَنجام ڏنا جو پنهنجي وَقت جا مُجَدِّد ٿي مشهور ٿيا۔ *حضرت امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ابتدا ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان زندگي گذاريندا هئا پر بعد ۾ زُهد واري انداز کي اختيار فرمايائون۔ حضرت ابُومنصور سعيد بن محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان فرمائن ٿا: جڏهن پهرين ڀيري حضرت امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عالمانه شان وشوڪت سان بغداد ۾ داخل ٿيا ته اسان سندن لِباس ۽ سواري جي قيمت لڳائي ته اها پنج سو (500) دِينار(يعني 500 سؤ سون جا سِڪا) ٿي، پوءِ جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه زُهد ۽ تَقويٰ اِختيار ڪري بغداد ڇڏيائون ۽ مختلف مَقامن جو سفر ڪندا رهيا ۽ ٻيهر جڏهن بغداد ۾ داخل ٿيا ته اسان سندن لباس جي قيمت لڳائي ته اها پندرهن (15) قيراط (يعني ڪجهه معمولي سِڪا) ٿي۔( المنتظم في تاريخ الملوڪ والامم، ۹/۱۲۶، الجزء: ۱۷)

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ احياءُ العلوم

* ”امام غزالي جو ڪتاب احياء العلوم“ اَخلاقيات جي مَوضُوع تي بي مثال ڪتاب آهي۔ * ”احياء العلوم“ پڙھي آخرت جي تياري جو ذهن ٺهندو آهي، *”احياء العلوم“ آخرت جي تياري تي اُڀارڻ وارو ڪتاب آهي، *  احياءُ العلوم  نفس جي چُنگل مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارو عظيمُ الشّان ڪتاب آهي، * ”احياء العلوم“ بار  بار پڙھڻ لائق ڪتاب آهي۔ * ”احياء العلوم“ ۾ ظاهري عُلُوم سان گڏوگڏ باطِني عُلُوم جو به بيان ڪيو ويو آهي۔ * ”اِحياءُ العلوم“ دُنيا سان گڏ آخرت کي به بهتر بنائڻ جو ذريعو