Book Name:Insan Khasary Mein Hai
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
الله پاڪ جي آخري نبي،
رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪا قوم ڪنهن مجلس ۾ ويهي ۽ اُن
۾ نه الله پاڪ جو ذڪر ڪري، نه ان جي نبي مُحمَّد
صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود موڪلي ته قيامت جي ڏينهن ان قوم
تي ذلّت ۽ نحوست مُسلط ڪئي ويندي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! مجلس جي معنيٰ آهي: ويهڻ جي جاءِ. هڪ شخص اڪيلو ويٺو هجي، اها
به مجلس آهي، 2 ويٺا هجن، اها به مجلس آهي، 4 ماڻهو ويٺا هجن، اها به مجلس آهي،
500 جو اجتماع هجي يا 5 هزار جو، اها به مجلس ئي آهي. لهٰذا جڏهن به ڪنهن مجلس
۾ هجو * يعني اڪيلا ويٺا هجو يا گهر وارن سان گڏ * دُڪان تي ويٺا هجو يا آفيس ۾ * دوستن سان هجو يا ديني اجتماعن ۾، ملطب ته هر هر مجلس ۾ الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ ۽ درود پاڪ پڙهڻ جي عادت
بڻايو!
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جون کوڙ ساريون برڪتون ملنديون ۽ ان سان گڏوگڏ
الله پاڪ چاهيو ته قيامت جي
ڏينهن ذِلّت ۽ رُسوائي کان به بچي ويندا.
خدا کے بعد مُحَمَّد کا نام لیتے رہو ہر ایک کام میں برکت درودِ پاک سے ہے
بروز حشر وہ ہوگا نبی کی قربت میں جہاں میں جس کو بھی الفت درودِ پاک سے ہے