Book Name:Insan Khasary Mein Hai
روئڻ لڳو. پوءِ جڏهن افاقو ٿيو ته پڇيائين: الله پاڪ جو فرمان آهي:
مَّا عَمِلَتْ مِنْ خَیْرٍ مُّحْضَرًا ﳝ- وَّ مَا عَمِلَتْ مِنْ سُوْٓءٍۚۛ-
ترجمو ڪنزالعرفان: پنهنجا تمام سٺا ۽ خراب عمل پنهنجي سامهون موجود ڏسندو. (پارہ:3،آلِ عمران:30)
ان جو ڇا مطلب آهي؟ فرمايائون: قيامت جي ڏينهن هر ننڍو وڏو گناهه ٻانهن جي سامهون ڪيو ويندو. اهو ٻڌي عبدالملڪ بن مروان وري روئڻ لڳو، ايستائين جو کائنس بي هوشي طاري ٿي وئي، جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: خدا جو قسم! جيڪو به هن آيت تي غور ڪري، پوءِ به الله پاڪ جي نافرماني ڪندو رهي، بيشڪ اهو وڏي گمراهي ۾ آهي. ([1])
انسان شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويندو
پيارا اسلامي ڀائرو! اسين ٻانها آهيون، الله پاڪ اسان کي نعمتن سان نوازيو آهي، قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن الله پاڪ ڪجهه به عذاب نه فرمائي، تڏهن به پنهنجو هي گنهگار وجود کڻي ان جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ ۽ ان جي بارگاهه ۾ بيهڻ ئي شرم لاءِ ڪافي آهي.
روايت ۾ آهي ته: قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي الله پاڪ جي بارگاهه پيش ڪيو ويندو. الله پاڪ فرمائيندو: اي منهنجا ٻانهؤ! تو فلاڻي ڏينهن فلاڻو فلاڻو گناهه ڪيو هو. ڇا توکي خبر نه هئي ته مان تنهنجي عملن کان باخبر آهيان، ڇا تو منهنجي نظر کي عام ماڻهن جي نظر کان وڌيڪ هلڪو سمجهيو...؟ ڇا توکي مون کان ۽ منهنجي ملائڪن کان به شرم نه آيو، ڇا توکي منهنجي پڪڙ کان به ڊپ نه لڳو؟ اي منهنجا ٻانها! ڇا مون توکي ٿڌي پاڻي جي نعمت نه ڏني هئي؟ ڇا تنهنجي جسم کي طاقت نه ڏني هئي؟ تنهن هوندي به
[1]... بستان الواعظین ،مجلس فی قولہ تعالیٰ :یوم تاتی کل ...الخ،حکایۃ عن احد الصالحین،صفحہ:79ملتقطًا۔