Book Name:Insan Khasary Mein Hai
ڪري اسان ڇرڪ ڀرينداسين، ڊڄنداسين، منهن لڪائينداسين، پر اُن ڏينهن ڪير آهي جيڪو لڪي سگهندو...؟ ملائڪ ڇڪي ڪري ربّ جبار ۽ قَهّار جي حضور پيش ڪندا، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اهڙي هولناڪ منظر ۾ اسان پنهنجي هڪ هڪ عمل جو حساب ڪيئن ڏينداسين؟ اسان جو اعمالنامو اسان جي هٿن ۾ ڏنو ويندو، اسان جو هر ننڍو وڏو عمل ان اعمالنامي ۾ لکيل هوندو، مجرم پڪاريندا:
یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُوْتَ كِتٰبِیَهْۚ(۲۵) وَ لَمْ اَدْرِ مَا حِسَابِیَهْۚ(۲۶) یٰلَیْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِیَةَۚ(۲۷) مَاۤ اَغْنٰى عَنِّیْ مَالِیَهْۚ(۲۸) هَلَكَ عَنِّیْ سُلْطٰنِیَهْۚ(۲۹)
ترجموڪنزالعرفان: اي ڪاش جو مون کي منهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها. ۽ مان نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڪهڙو آهي. اي ڪاش جو دنيا جو موت ئي (منهنجو ڪم) تمام ڪرڻ وارو ٿي وڃي ها. منهنجو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو. منهنجو سڄو زور ويندو رهيو. (پارہ:29،اَلْحَاقَّہ:25 - 29)
قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواب ڏينداسين؟
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! اُن ڏينهن اسان ڪيئن حساب ڏينداسين...؟ پر افسوس! اسان ڊڄون نٿا، سُستي ڪيون ٿا، غفلت ۾ پئون ٿا، مال ۽ دولت جي حِرص، دنياوي عهدن جي طلب ۽ نفس ۽ شيطان جي چوڻ ۾ اچي آخرت کي ويساري ڇڏيون ٿا، گناهن ۾ پئجي بلڪه بُرائين تي دلير ٿي ويندا ۽ توبه کان پري ڀڄندا آهيون، ماڻهن کان جيتوڻيڪ شرمائيندا آهيون پر ربّ رحمٰن کان حيا ناهيون ڪندا، رات جي اونداهيءَ ۾، بند ڪمري ۾ لڪي ڪري گناهن جو بازار گرم ڪندا آهيون پر ياد رکو! قيامت جي ڏينهن اسان جو ڪو عمل لڪي نه