Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

    *علمِ دين سکڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي: * اسان جا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم علمِ دين سيکاريندا هئا ۽ * صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سکندا هئا [1]. * وڏن وڏن اولياءِ ڪرام ۽ عُلماءِ اُمّت جو به اهو ئي معمول رهيو آهي.

 * اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جا عاشقانِ رسول به هي نيڪ ڪم ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن * پنهنجي پنهنجي گهرن ۾، مسجدن ۾، بازار ۽ چوڪ وغيره تي درس ڏيندا ۽ ثواب ڪمائيندا آهن * اوهان به اُن ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو. * نيڪ صحبت ۾ رهڻ نصيب ٿيندو* گهر کان ئي درس ۾ شرڪت ڪرڻ جي نيّت ڪري هلنداسين ته راھ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو* اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوقات ايستائين جو درياء جون مڇيون به دعا ڪنديون ۽ ڪهڙي خبر درس جي ڪهڙي ڳالھ اسان جي دل تي اثر ڪري وڃي ۽ زندگي ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏي.

هوٽل جي زينت بڻجڻ وارو نوجوان

  حيدرآباد، سندھ جو مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ پنهنجو واقعو هيئن بيان ڪري ٿو: مان گناهن ۾ايتري قدر ڦاٿل هيس جو مون کي پنهنجي زندگي جي قيمتي گهڙين جي برباد ٿيڻ جو بلڪل احساس نه هو، معمول مطابق ان ڏينهن به مان هوٽل ۾ موجود هيس ۽ ٽي وي تي هلڻ واري فلمي منظرن ۾ گم هيس ته ايتري ۾ سنتن ڀريو لباس پاتل هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي ويجهو آيو ۽ گرم جوشي سان مصافحو ڪرڻ کان بعد چوڻ لڳو: پيارا ڀاءَ ٻاهر چوڪ درس ٿي رهيو آهي. اوهان ڪجھ منٽ عطا فرمايو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ نيڪين جو خزانو هٿ ايندو.  مان ان جي خوش اخلاقي ۽ ملنساري سان متاثر ٿي ڪري هٿون هٿ ان سان گڏ هلي پيس. هوٽل جي ٻاهر هڪ اسلامي ڀاءُ فيضان سُنت مان درس


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:239۔