Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

ته جيئن هي سبق اسان کي ياد رهي ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جو ذهن بڻجندو رهي، نهايت ضروري آهي، طبراني شريف ۾ آهي؛ 2 صحابي سڳورا هئا، انهن جو معمول هيو ته جڏهن به پاڻ ۾ ملندا هئا ته هڪٻئي کي سورت وَالۡعَصۡر ٻڌائيندا هئا.[1]

  سُبْحٰنَ اللهِ! ڪيترو پيارو معمول آهي، ڪاش! اسان به هي انداز اپنايون، جڏهن به پاڻ ۾ مُلاقات ٿئي، 2 دوست پاڻ ۾ ملن، پيءُ پٽ جي مُلاقات ٿي. اُستاد شاگرد جي مُلاقات ٿي، نگران ۽ ماتحت جي پاڻ ۾ مُلاقات ٿئي ته اسان هڪٻئي کي آخرت جي ياد ڏياريندا رهون، قرآني آيتون، حديثون خاص ڪري سُورت والعَصۡر ٻڌائي ڪري آخرت جي ياد ڏياريندا رهون. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي جو مقصد ياد رهندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته اُن تي عمل جي به توفيق ملي ئي ويندي. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دَم     کریں نہ رُخ مرے پاؤں گُنَاہ کا یارَبّ

کرم سے نیکی کی دعوت کا خُوب جذبہ دے دُوں دُھوم سُنّتِ محبوب کی مچا یارَبّ!

سورت والعَصۡر ۾ نعتِ مصطفيٰ جو  پهلو

پيارا اسلامي ڀائرو! هونئن ته سورت وَالۡعصر اصلاحي مضمونن تي مشتمل آهي، هن ۾ اسان کي نصيحت ڪئي وئي آهي، زندگي جي اهميت بيان ٿي آهي،  زندگي جو مقصد ٻڌايو ويو آهي، دنيا ۽ آخرت ۾ نقصان کان بچڻ، ڪاميابي ماڻڻ جا طريقا ارشاد ٿيا آهن، ان سڀني سان گڏ هن مُبارڪ سورت ۾ نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو به پهلو آهي.


 

 



[1] معجمِ اوسط،جلد:4،صفحہ:36،حدیث:5124ملتقطًا۔