Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

پڙھندس *  جيڪر قضا نمازون آهن ته انهن کي جلد کان جلد ادا ڪرڻ جي نيت ڪئي وڃي* رمضان المبارڪ اچڻ وارو آهي، اعتڪاف جي نيت ڪئي وڃي * هر مهيني مدني قافلي ۾ سَفَر جي نيت ڪئي وڃي  *  نيڪ اَعمال جو رسالو روزانو پابندي سان ڀرڻ جي نيت ڪئي وڃي  *  هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري ۾ پابندي سان شرڪت جي نيت ڪئي وڃي. گڏوگڏ ندامت جا ڳوڙها ڳاڙي، عبرت حاصل ڪري پنهنجو مستقبل، پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنواري سگهو ٿا پر افسوس! هن رات کي وڌيڪ نقصان جي رات بڻايو ويندو  آهي ۽ ان تي وڌيڪ افسوس جي ڳالھ هيءَ ته اسان وقت وڃائي رهيا آهيون، پاڻ پنهنجي هٿن سان نقصان ڪري رهيا آهيون، ان جو احساس تائين ناهي ٿيندو، ابتو انهن بُرائين کي جشن جو نالو ڏنو ويندو آهي. هي آهي اهو خسارو، اهو نقصان جنهن جي باري ۾ الله پاڪ فرمايو:

اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍۙ(۲)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي. (پارہ:30،اَلْعَصْر:2)

هائو! اسان کي پنهنجي نقصان جو احساس تائين نه هجي، اهو تمام وڏو نقصان آهي ۽ انسانن جي اڪثريت هن نقصان ۾ مبتلا آهي. اسان کي اهو احساس ئي نه آهي ته اسان گناهن ۽ فضول ڪمن ۾ مبتلا ٿي پنهنجو ڪيڏو وڏو نقصان ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي عظيم جنت کان محرومي ۽ ڪيئن دهشت ناڪ عذاب جا حقدار بڻجي رهيا آهيون. ڪاش! اسان کي اهو احساس ٿي وڃي، ڪاش! اسان هن نقصان کان بچڻ وارا بڻجي وڃون...!!

ٽائيم مينيجمنٽ جي اهميت ۽ تقاضا

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هن خساري ۽ نقصان کان ڪيئن ٿا بچي سگهون؟ الله