Book Name:Insan Khasary Mein Hai
سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مهڪندڙ ساهن سان مهڪي رهيون هيون، در ۽ ديوار پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور سان روشن ٿي رهيا هئا، الله پاڪ انهن 63 سالن جو قسم ارشاد فرمائيندي چيو:
وَ الْعَصْرِۙ(۱)
يعني اي محبوب! اسان کي اوهان جي مُبارڪ زماني جو قسم.....!!
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو.....!!
وہ خُدا نے ہے مرتبہ تجھ کو دیا، نہ کسی کو ملے نہ کسی کو ملا
کہ کلامِ مجید نےکھائی شہا تِرے شہر و کلام و بقا کی قسم([1])
وضاحت: اي منهنجا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ اوهان کي اهڙو ڪمال بلند رتبو ڏنو آهي جو اهڙو رتبو نه پهريان ڪنهن کي مليو آهي، نه بعد ۾ ڪنهن کي ملندو، سندن شان ۽ عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ سندن مبارڪ شهر، سندن مبارڪ ڪلام، سندن زندگي مبارڪ جا قسم ارشاد فرمايا آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو، سڀني کان افضل زمانو اهو ئي آهي جو جڏهن رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظاهري طور تي هن دنيا ۾ تشريف فرما هئا. جيئن ته حديث شريف ۾ آهي: خَيْرُكُمْ قَرْنِي، ثُمَّ الَّذِينَ يَلُونَهُمْ، ثُمَّ الَّذِينَ يَلُونَهُمْ يعني سڀني کان بهتر زمانو منهنجو زمانو آهي، پوءِ جيڪي ان سان مليل آهن، پوءِ جيڪي انهن سان مليل آهن.[2]