Book Name:Insan Khasary Mein Hai
ويندا ۽ پيسن ۽ کاڌي وغيره جو مطالبو وغيره ڪندا. تڏهن ان کي شرمساري جو سامنو ٿيندو، ائين ئي اي انسان! دنيا پنهنجي عصر جي وقت تي آهي، قيامت ويجهو اچي وئي آهي، جلد ئي موت پنهنجو ڄار وڇائي ڇڏيندو، تنهنجو روح ڪڍيو ويندو، توکي اونداهي قبر ۾ لاٿو ويندو، افسوس! اهو نادان جيڪو غفلت ۾ ڏينهن رات گذاري رهيو آهي، اهو ڪيتري خساري ۾ آهي؟ ڪيتري نقصان ۾ آهي. ها! ها! جلد، تمام جلد قيامت قائم ٿيندي ۽ اسان کي ربّ ڪريم جي حضور ۾ پيش ڪيو ويندو، پوءِ اسان کان پڇيو ويندو، دنيا ۾ ڇا ڪمايو؟ الله پاڪ جي ڏنل نعمتن جو ڪيترو حق ادا ڪيو؟ هر نعمت جي متعلق پڇيو ويندو. الله پاڪ فرمائي ٿو:[1]
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَۚ(۱)
ترجموڪنزالعرفان: ماڻهن جو حساب ويجهو اچي ويو ۽ اهي غفلت ۾ منهن ڦيريون پيا آهن. (پارہ:17،اَلْاَنْبِیَاء:1)
اے رب کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ! اچھا یہ گناہوں کا بیمار نہیں ہوتا
گو لاکھ کروں کوشش ، اِصلاح نہیں ہوتی پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا([2])
اي عاشقانِ رسول! ڳالھ واقعي ئي سچي آهي، انسان نقصان ۾ آهي، سخت نقصان ۾ آهي، تفسيرِ ڪبير ۾ آهي: هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: مون سُورتُ الۡعَصۡر جي ٻي آيت جي معنيٰ برف وڪڻڻ واري کان سکي، هو آواز لڳائي رهيو هو: اِرْحَمُوْا مَنْ يَّذُوْبُ رَاْسُ مَالِہٖ انسانو! هن شخص تي رحم