Book Name:Insan Khasary Mein Hai
قيامت قائم ٿيندي. هي اسان جي خوش فهمي آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّهُمْ یَرَوْنَهٗ بَعِیْدًاۙ(۶) وَّ نَرٰىهُ قَرِیْبًاؕ(۷)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اهي ان کي پري سمجهي رهيا آهن. ۽ اسان ان کي ويجهو ڏسي رهيا آهيون. (پارہ:29،اَلْمَعَارِج:6-7)
ماڻهو سمجهن ٿا قيامت پري آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: قيامت پري ناهي بلڪه قيامت ته تمام ويجهو آهي.
اي عاشقانِ رسول! قيامت ويجهو آهي، تمام ويجهو آهي، افسوس! اهو هولناڪ ڏينهن....!! ٿورو تصور ته ڪيو! جڏهن حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام صُور ڦوڪيندو، صور جو هولناڪ آواز ٻُڌي ڪري سڀئي مُردا قبرن مان اٿندا، سڀني کي هَڪۡلي ڪري ميدانِ محشر ۾ جمع ڪيو ويندو، هيءَ زمين ٽامي جي زمين سان بدلائي ويندي، آسمان ويڙهيو ويندو، سج سوا ميل تي رهي ڪري باھ وسائي رهيو هوندو، جهنم کي آندو ويندو، ان جي پُٺيءَ تي وار کان به سنهي، تلوار کان تيز، اونداهيءَ ۾ ٻُڏل پلصراط رکي ويندي، قهر جو سامنو ٿيندو، ماڻهو پگهر ۾ شل هوندا، ڪجھ پنهنجي ئي پگهر ۾ ٽٻيون لڳائي رهيا هوندا، خُدا قهار اُن ڏينهن اهڙو غضب فرمائيندو جو اهڙو غضب ان ڪڏهن به نه فرمايو، وڏو عرصو انهيءَ حالت ۾ گذري ويندو، پوءِ وڃي ڪاٿي حساب و ڪتاب شروع ٿيندو.
هاڻي ٿورو تَصوُّر ڪيو! هن صورتحال ۾ اسان کي پڪاريو ويندو: اي فلاڻا بن فلاڻا! ربّ جي حضور حاضر ٿيو....!! افسوس! اها غضبناڪ پڪار ٻُڌي