Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

يعني اُمَّت ۾ سڀني کان بهترين ماڻهو رسول اڪرم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زماني جا آهن يعني صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان، پوءِ تابعين، پوءِ تبع تابعين، هي ٽي زمانه سڀني کان بهترين زمانه آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! هتان کان اسان کي سبق ملي ٿو ته آئيڊيل ۽ سڀني کان معياري زمانو اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري مبارڪ زندگي جو زمانو آهي، پوءِ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو دور، پوءِ تابعين ۽ تبع تابعين جو دور مبارڪ آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهن زمانن کي پنهنجو معيار بڻايون، مثال طور ان دورن جي تاريخ پڙهون، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي سيرت پڙهون، پوءِ ان جي مطابق پنهنجي زندگي گذاريون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

وَالۡعَصۡر جي هڪ ٻي معنيٰ

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

وَ الْعَصْرِۙ(۱) اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍۙ(۲)

ترجمو ڪنزالعرفان: زماني جو قسم بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي.(پارہ:30،اَلْعَصْر:1-2)

هن جي تفسير ۾ امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ قول اهو آهي ته هتي عصر مان مراد عصر جو وقت آهي ۽ ان جو قسم کڻي ڪري الله پاڪ اسان کي تاڪيد ڪئي آهي ته جيئن عصر جو وقت ڏينهن جو آخري وقت آهي، ان وقت ڪم ڪار ڪرڻ وارا، بازار ۾ دڪان هلائڻ وارا پنهنجا دڪا بند ڪرڻ شروع ڪندا آهن، هاڻي اهو وقت ويجهو اچي ويندو آهي ته جنهن سڄو ڏينهن ڪجھ نه ڪمايو، جلد ئي اهو پنهنجي گهر پهچندو، ان جا ٻار ٻچا، اهل و عيال ان جي اردگرد جمع ٿي