Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

ڏئي رهيو هو، ٻين اسلامي ڀائرن جيان مان به درس ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويس، درس ٻُڌي ڪري منهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيو ۽ مون سچي دل سان توبه ڪئي ۽ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪئي، جنهن جي بدولت ڪڏهن سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت، ته ڪڏهن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر نصيب ٿيڻ لڳو. آهسته آهسته مان ديني ماحول جي ويجهو ٿيندو ويس، آخرڪار هوٽلن جي زِينَت بڻجڻ وارو نوجوان درس جي برڪت سان اڄ اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول سان گڏجي مسجد ۾ رات گذارڻ وارو بڻجي ويو.[1] 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

نيڪ اعمال موبائل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي بنگالي * گجراتي ۽ *سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو *هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪوبه وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو،
 اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن


 

 



[1] میں نے ویڈیو سینٹر کیوں بند کیا، صفحہ:12 ملخصًا۔