Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. 

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!     جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

سَلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب!

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اَلسَّلَامُ قَبْلَ الْکَلَامِ ؛ سلام ڳالهه ٻولهه کان پهريان آهي. [1]

پياريون اسلامي ڀينرو! مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي. * ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي *سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي *سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔[2] *سلام ۾


 

 



[1] ترمذی، کتاب:الاستئذان، باب:ماجاء فی السلام قبل الکلام، صفحہ:635، حدیث:2699۔

[2] شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786