Book Name:Insan Khasary Mein Hai
حدیثِ پاک سے یہ بات ہوگئی ثابت ہر ایک بزم کی زینت درودِ پاک سے ہے
درودِ پاک ہی خاکیؔ کا کل اثاثہ ہے یہ ساری دولت و ثروت درودِ پاک سے ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس * هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
تفسير عزيزي ۾ آهي: ڪَلۡدَه بن اُسَيد جنهن کي اَبُو اَسد به چوندا آهن، مڪي شريف جو رهڻ وارو هڪ ڪافر هو جيڪو جهالت جي دور ۾ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ساٿي هو. حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن کائنس مليو ۽ چوڻ لڳو: اي ابوبڪر! توهان واپار ۽ سوداگري ۾ ڏاڍا ماهر هُئا، پنهنجي عقلمندي جي ڪري هميشه نفعو ڪمائيندا هئا. هاڻي توهان کي ڇا ٿيو؟ توهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين جي مقابلي ۾ اسلام قبول