Book Name:Insan Khasary Mein Hai
مفتي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ انهن کي پنهنجي موجوده حالت ۽ ڪيفيت وغيره جي باري ۾ ٻڌائي اهو پڇي وٺو ته هن وقت مون تي ڇاڇا فرض ۽ ڇا ڇا واجب آهي، اهي جيڪي فرائض و واجبات ارشاد فرمائن، انهن کي پنهنجي روزمره جو حصو بنايو، پوءِ ان کان علاوه نيڪ ڪم جهڙوڪ صدقو ۽ خيرات، والدين جي خدمت ڪرڻ، غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ، ذڪر ۽ درود جي ڪثرت ڪرڻ، قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ پنهنجي اعمال جو جائزو وٺڻ، نفل نمازون پڙهڻ، نفل روزا رکڻ وغيره اهي ڪم جيڪي ايمان کي مضبوط ڪن ٿا، انهن کي به پنهنجي شيڊيول ۾ شامل ڪريو! جيڪڏهن توهان درس و بيان جي صلاحيت رکو ٿا ته درس و بيان ڪندا ڪيو گهر ۾، گهٽيءَ ۾، پاڙي ۾، پنهنجي ٻارن کي، پنهنجي ڀيڻ ڀائرن کي، پنهنجن عزيزن کي، پنهنجي مائٽن کي، پاڙي جي ماڻهن کي، نيڪي جي دعوت ڏيندي ۽ برائي کان منع ڪندي رهڻ جي عادت اپنايو.
جيڪڏهن اسان انهن ٽنهي پهلوئن کي ذهن ۾ رکي پنهنجو شيڊيول ٺاهيون ۽ ان جي مطابق عمل ڪرڻ شروع ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به روشن ٿيندي، آخرت به روشن ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهيو ته اسان نقصان کڻڻ کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو تذڪرو:
حضرتِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا عالم ۽ الله پاڪ جا ولي هئا، * حضرتِ امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عُرس جُمَادَي الاُخريٰ جي 14 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي۔ * حضرت امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪنيت ابُوحامِد، لَقَب حُجَّة الاِسلَام (اسلام جو دليل) ۽ مبارڪ نالو محمد بن