Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

تعاليٰ فرمايو:

اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍۙ(۲) اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ﳔ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ۠(۳)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي. پر جن ايمان آندو ۽ انهن چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي تاڪيد ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪئي. (پارہ:30،اَلْعَصْر:2-3)

هي 3 ڪم آهن: (1): مؤمن ٻانهو هجي (2): نيڪ ڪمن ۾ مشغول رهندو هجي
 (3): حق ۽ صبر جي تلقين ڪرڻ وارو هجي ته اهڙو شخص نقصان کان بچي سگهي ٿو.

اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگي کي بهتر طور گذارڻ، پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي گذارڻ جو شيڊيول بڻايون، پنهنجو جدول ٺاهيون. اوهان جي جهڙي مصروفيات آهي، ان لحاظ سان پنهنجي سهولت جي مطابق پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو! پوءِ ھنن 3 پاسن کان ٽائم ٽيبل کي جانچيو: (1): اسان جي شيڊيول ۾ ڪا اهڙي شيءِ نه هئڻ گهرجي، ڪو اهڙو ڪم شامل نه هجي، جيڪو ايمان کي ڪمزور ڪري ٿو، هر قسم جا ننڍا توڙي وڏا گناهه، خاص ڪري گانا ٻڌڻ، فلمون ۽ ڊراما ڏسڻ، سوشل ميڊيا جو نامناسب استعمال، بدنگاهي، غيبت، چغلي، ڪوڙ، بري صحبت، بدمذهب ۽ دين سان بيزار ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ، انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ، انهن جو لٽريچر پڙهڻ، هي سڀ اهي ڪم آهن جيڪي اسان جي ايمان کي ڪمزور ڪن ٿا. اسان جي جدول ۾ انهن شين مان ڪا به شيءِ شامل نه هجڻ گهرجي. (2): اسان جي شيڊيول ۾ ڪا به بيڪار شيءِ شامل نه هئڻ گهرجي، جيڪو به ڪم اسان جي شيڊيول ۾ شامل آهي، اهو ديني ۽ دنياوي لحاظ کان فائديمند هئڻ گهرجي، بلڪ مان مشورو ڏيندس ته ڪنهن عاشق رسول