Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

شهداءِ ڪربلا، بالخصوص امامِ عالي مقام، امامِ عرش مقام حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي دين سان محبت، دِين جي لاءِ ڏنل سندن قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ غفلت کان بيداري جو پيغام ڏي ٿو۔

بهر حال! جيڪڏهن ڪو عيسوي تاريخ جي لحاظ سان به نئين سال جو استقبال ڪرڻ چاهي ته ان جا کوڙ جائِز بلڪ نيڪين ڀريا طريقا ٿي سگھن ٿا، مثال طور * نئون سال شروع ٿيڻ سان فِڪرِ آخرت جو دَرس حاصِل ڪيو يعني هي غور فرمايو ته ”منهنجي زِندگي مان هڪ سال گھٽ ٿي ويو ۽ مان موت جي وڌيڪ قريب ٿي ويس، ان سان گڏوگڏ جيڪو سال گذريو آهي، ان جو جائزو ورتو وڃي ته مون ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو۔“

* عزيز رشتيدار، دوست احباب جيڪي گذريل سال دُنيا مان رخصت ٿيا ۽ هاڻي اونداهي قبر ۾ آرام فرما آهن، انهن کي ياد ڪيو! اُنهن جي دُنيا مان وڃڻ کان عبرت حاصل ڪيو! ته منهنجي ويجھو رهندڙ منهنجا دوست احباب دُنيا مان رخصت ٿي ويا ته يقيناً هڪ ڏينهن مون کي به دُنيا مان وڃڻو آهي۔ * ان سان گڏوگڏ پنهنجن عملن جو جائزو به وٺڻ گھرجي مثال طور اسان غور ڪيون ته پوئين ڀيري جڏهن نئون سال شروع ٿيو هو، ان وقت کان وٺي هاڻي تائين اسان ڪيتريون نيڪيون ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھياسين؟ افسوس! اَعمَال نامي ۾ ڪيترن گُنَاهن جو اِضَافو ٿيو آهي...! * نئين سال جي ابتدا جي موقعي تي اسان پنهنجي گُنَاهن کان توبه ڪيون * نئون سال شروع ٿي رهيو آهي، نئين سال جي ابتداء نيڪين سان ڪئي وڃي * ذِڪرُ الله سان ڪئي وڃي * نعت خواني سان ڪئي وڃي * سجدن سان ڪئي وڃي * هي نئون سال ملڻ، زِندگي جون ايتريون گھڙيون نصيب ٿيڻ هي به ته الله پاڪ جي نعمت آهي، ان جو شڪر ادا ڪيو وڃي * نئين سال جا نوان ٽارگيٽ بڻايا وڃن، سٺيون سٺيون نيتون ڪيون وڃن مثال طور *  هن ايندڙ نئين سال ۾                                                                                  ايتري تِلاوتِ قرآن ڪندس *  ايترا درودِ پاڪ پڙھندس *  ايتريون نمازون