Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

هزار سال جا گناھ معاف ٿي سگهن ٿا ۽ اهو جنّت جي هميشه رهڻ وارين نعمتن جو حقدار بڻجي سگهي ٿو.[1]

 هن مان اندازو لڳايو! جڏهن هڪ گهڙي جي ايتري قيمت آهي ته جيڪڏهن انسان سڄي زندگي ئي نيڪين ۾ گذاري، هڪ گهڙي به ضايع نه ٿيڻ ڏي ته ان کي ڪهڙا ڪهڙا انعام نصيب ٿيندا.

جنّت ۾ وڻ لڳرايو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو هڪ هڪ ساھ ڪيترو قيمتي آهي، ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ته هن دنيا ۾ رهندي صرف هڪ سيڪنڊ ۾ جنت جي اندر وڻ لڳرائي سگهون ٿا ۽ ان جو طريقو به نهايت آسان آهي.

اِبۡنِ ماجه شريف جي حديث پاڪ جي مطابق انهن چئن ڪلمن مان جيڪو به ڪلمو پڙهو، جنت ۾ هڪ وڻ لڳايو ويندو آهي. اهي ڪلمات هي آهن.

(1):سُبْحٰنَ لِلّٰہِ(2):اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ(3):لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ (4):اَللہُ اَکْبَر۔([2])

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن تي غور فرمايو! اسان جو هڪ هڪ لمحو ڪيترو قيمتي آهي....!! اسان معمولي تَوَجُّھ ڪري، زبان کي ٿوري حرڪت ڏئي ڪري هڪ سيڪنڊ بلڪ هن کان به گهٽ وقت ۾ جنت ۾ پنهنجو وڻ لڳرائي سگهون ٿا. هي اسان جي هڪ سيڪنڊ جي قيمت آهي ۽ اسان جا هي قيمتي سيڪنڊز، منٽ، ڪلاڪ گذرندا پيا وڃن، وقت هڪ نهر جيان وهندو پيو وڃي ۽ اسان هر لمحي موت جي ويجهو کان ويجهو ٿيندا پيا


 

 



[1] تفسیر کبیر،پارہ:30،سورۂ عصر،زیرِ آیت:1، جلد:11، صفحہ:277خلاصۃً۔

[2]...ابنِ ماجہ،کتاب الادب،باب فضل التسبیح،صفحہ:610،حدیث:3807 ۔