Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

وقت برباد ڪرڻ مسلمانن جو انداز ناهي

     اي عاشقانِ رسول! يقين مڃو! وقت برباد ڪرڻ مسلمانن جو طريقو ئي ناهي، حضرت شُريح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 2 ماڻهن کي فضول ڪم ۾ مصروف ڏٺو، ته فرمايائون: اَلْفَارِغُ مَااُمِرَ بِہَذَا واندي ماڻهوءَ کي هن ڪم جو حڪم ناهي ڏنو ويو، الله پاڪ جو فرمان آهي:[1]  

فَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَبْۙ(۷)

ترجمو ڪنزالعرفان: جڏهن تون واندو ٿئين ته خوب ڪوشش ڪر.
 (پار:30،اَلَمْ نَشْرَحْ:7)

يعني پنهنجي فارغ وقت کي عبادت ۾ خرچ ڪيو مطلب اهو ته جڏهن هڪ عبادت کان فارغ ٿيو، ته ٻي شروع ڪيو ۽ ڪنهن وقت عبادت کان واندا نه رهو ڇوته دنيا کي پيدا ڪرڻ جو اصلي مقصد به اهو ئي آهي.[2]

زِندگی آمد برائے بندگی              زندگی بے بندگی شرمندگی

قيامت تمام ويجهي آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي سامهون هڪ هولناڪ ڏينهن آهي. قيامت تمام جلد اچڻ واري آهي، اسان سمجهون ٿا ته قيامت پري آهي، اڃا ته هيتريون صديون رهن ٿيون، اڃا ته مان جوان آهيان، پوءِ پوڙهائپ ايندي، پوءِ ڪيترن سالن کان پوءِ موت ايندو، پوءِ ڪيترين ئي صدين کان پوءِ


 

 



[1] تفسیر كبیر انوارِ جمالِ مصطفٰے   صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم،صفحہ:323 بتغیر قلیل ۔،   ارہ:30،سورۂ  الم نشرح،زیرِ آیت:7 ،جلد:11،صفحہ:209بتغیر قلیل۔

[2] ... انوارِ جمالِ مصطفٰے   صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم،صفحہ:323 بتغیر قلیل ۔