Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

ڪندو، گناھ ڪندو آهي، اهو به سخت نقصان ۾ آهي، گناھ ته هڪ باھ آهي جيڪا زندگي جي قيمتي گهڙين کي ساڙي ڪري خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي. امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي ابن آدم! تنهنجي هلاڪت ٿئي...!! ڇا تون الله پاڪ کان مقابلو ڪرڻ چاهين ٿو؟ ها! ها! جنهن الله پاڪ جي نافرماني ڪئي ڄڻ ته ان الله پاڪ کان جنگ ڪئي[1]. (3) حَق ڳالھ جي ۽ صبر جي وصّيت ڪرڻ (يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ) وارو هجي ڇوته جيڪو پاڻ توڙي جو نيڪ بڻجي وڃي پر ٻين کي نيڪي جي دعوت نه ڏيندو هجي، ٻين کي برائي کان منع نه ڪندو هجي، اهو به نقصان ئي ۾ آهي، عين ممڪن آهي ته جڏهن گنهگار عذاب ۾ گرفتار ٿين ته اهو به پڪڙ ۾ اچي وڃي.

الله پاڪ اسان سڀني کي هي 3 صفتون اپنائڻ ۽ پاڻ کي نقصان کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي، اچو! دعا ڪيون ٿا:

معاف فضل و کرم سے ہو ہر خطا یارَبّ!       ہو مغفرت پئے سلطانِ انبیا یارَبّ!

بِلا حساب ہو جنّت میں داخلہ یارَبّ!      پڑوس خلد میں سرور کا ہو عطا یارَبّ!

ہمارے دِل سے نکل جائے اُلْفتِ دُنیا     دے دل میں عشقِ محمد مرے رچا یارَبّ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                   صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سورت وَالۡعَصۡر جو تعارف ۽ فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! سورت وَالۡعَصۡر قرآن ڪريم جي هڪ مختصر سورت آهي، هي مبارڪ سورت مڪي شريف ۾ نازل ٿي، هن ۾ صرف هڪ رڪوع آهي، 3 آيتون، 14 الفاظ ۽ 68 حروف آهن.([2]) حضرت اُبَي بن ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته رسول خدا، احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:


 

 



[1] عُیُون الحکایات، حصہ اوّل، صفحہ:52۔

[2]...تفسیر عزیزی،پارہ:30،سورۂ عصر،جلد:3،صفحہ:274۔